Start here

14915695_10209279978629483_4012273956356120937_n

Advertisements

عشق جو نئون داستان

هڪ عشق جو نئون داستان لکجي
ڏکيو آ ڏاڍو پر آسان لکجي
هومر جي اوڊيسي دل سان پڙهي
سسئي جي سورن جو درمان لکجي
قصو هجي سهڻي جي وفائن جو
پر لطيف ورسٽي جو نشان لکجي
مارويءَ جي سادگي جو سينگار ڏئي
هن دور جي نوري جو ايمان لکجي
هن جي شوخ ادائن کي روپ ڏئي
تخيل جي بلندي جو آسمان لکجي (محمد ابراهيم کوکر)

چوسٽا

1. چريو نه ٿي، چاهه نه ڪر
ڏکيو پنهجو ساهه نه ڪر
تون نازڪ نفيس نماڻو ماڻهون
ڏکن سان ايڏو ٺاهه نه ڪر. (محمد ابراهيم کوکر)
2. ٿو بيشڪري جا نغما ڳائين
ڏس جتي پائڻ به روا ناهي
عشق جي منزل اوکي آ
سسئي وٽ ڪا گلا ناهي (محمد ابراهيم کوکر)
3. سسئي جا سور پڙهي ڏس
دماغ ٺڪاڻي اچي ويندئي
ٿو دنيا ۾ مفت وقت وڃائين
حقيقت جو ڏس اتان ملي ويندئي (محمد ابراهيم کوکر)
4. هو عشق جو پاڻ کي به شوق گھڻو
۽ پوءِ مون هڪ ڏينهن لطيف پڙهيو
سسئي جا سور ڏسي ڪنبي ويس سارو
بس پوءِ اکين ۾ آب نصيب بڻيو (محمد ابراهيم کوکر)
5. ٻه لفظ پڙهي ٿو عاشق سڏائين
عشق مجنوءَ جي ميراث اٿئي
ٿورو اندر پاڻ ٽٽول پيارا
ڏس تو ۾ ڇا خاص اٿئي؟؟؟؟؟ (محمد ابراهيم کوکر)
6. تو چاهت جو آ چسڪو چکيو
عشق اڃان به ڏاڍو اوکو آ
هر پل ٿو پاڻ وڃائڻو پوي
هي رستو ڇا ايڏو سوکو آ؟؟؟؟؟ (محمد ابراهيم کوکر)
7. عشق جي راند رند کيڏن
ڀاڙين جي هت ڪا جاءِ ناهي
سورن جو آ سمنڊ پار ڪرڻو
هيءَ منزل هر عام لاءِ ناهي (محمد ابراهيم کوکر)
8. عشق ايڏو آسان ناهي پيارا
سڀ ڪجھ ٿو لٽائڻو پوي
محبت جي منزل ماڻڻ لاءِ
پنهنجو پاڻ ٿو وڃائڻو پوي (محمد ابراهيم کوکر)
9. عشق ۾ آساني نه ڳولهه
ايمان ۾ بي ايماني نه ڳولهه
سڀ لٽائي ٿو محبوب ملي
مفت جي مهماني نه ڳولهه (محمد ابراهيم کوکر)

چو سٽا

توسان عشق ڪري به ڏٺو سين،
پاڻ کان ٿي پري به ڏٺوسين،
چاهت جو چسڪو به وهه جھڙو،
تنهن جو ڍُڪ ڀري به ڏٺوسين.

دوريءِ جانان به ڪا دوري آ؟
چاهت جي چاهه لاءِ ضروري آ،
عاشقن لاءِ هجر به وصل جھڙو،
اهو درد ٻنهي جي مجبوري آ.

مون وٽ ٻيو ڀلا ڇا هي ؟
تنهنجي عشق سوا ڇا هي،
تنهنجي دل ۾ گر جڳهه ملي،
ان سوا ٻڌاءِ، ٻي دعا ڇا هي.

ڌرتي سان عشق

ڌوڙ ڌرتي جي گر سيني سان لائين
قومي فرض کي قرض سمجھي چڪائين
ماروئڙن سان هر حال ۾ ساٿ نڀائين
انسانيت جي عظمت سان پاڻ جرڪائين
ته پوءِ منهنجا سائين، امرتا ماڻين ابراهيم چئي

ڌرتي جي مٽيءَ سان، من پنهنجو ڌوءِ
برابري ۽ سهپ جا، موتي ويهي پوءِ
انسانيت جي زوال تي، ڳوڙها ويهي روءِ
تهان پوءِ، امرتا ماڻيندين ابراهيم چئي

گرتون ڌرتيءَ کان غيرو ٿيندين
بدنامي جي داغ سان ميرو ٿيندين
سچو ٿي پئو جيجل سان سهڻا
حقيقي دنيا جو وڏيرو ٿيندين

جي تون سچو ناهين ڌرتيءَ سان، ته تون ناهين منهنجو ڀاءُ
لک عزتون ماڻين کڻي، ته به پنهنجو نه ٿيندو ٺاهه
ڀلي توکي منهنجي ماءُ، معاف ڪري هن جهان۾

جي تون سچو ڌرتيءَ سان، ته اکين ۾ ٿي ويهه
دل جان گھور ڪيان توتان، توکي رسي نه ڪو ڇيهه
صدقو سارو ڏيهه، ڪيان ڏهيسر تومٿان

جو ماروئَڙن کان ڏور وڃي، تنهن سا ڪهڙو پنهنجو لگاءُ
ڀلي هجي سڳو ڀاءُ، ته به سلام ناهي دلال کي

اج ڳالهه چتي ڪر تون ڪنهن جي پاسي آهين
گر گھٽ ڀائين ڌرتي کي، ته اسان منجھان ناهين
ڪاڇي ۽ ڪشمور ۾ اگر اسڪول نه کولائين
ته پوءِ منهنجا سائين، معاف ڪر مظلومن کي

شرم نه ٿئي وڏيرا، تون ليڊر ٿو سڏائين
بند ڪري اسڪول کي، تون واڙا هلائين
ماري مظلومن کي، روز ٿوڌاڙا هڙائين
مسڪينن جو مال ڦري، ڪتن کي کارائين
ٿوري ننڍي ڳالهه تي، ويٺو ماڻهون مارائين
قبائلي جھگڙن جي، هت دونهين دکائين
پوءِ به سنڌي سڏائين، لعنت پوئي لطيف جي

محمد ابراهيم کوکر سونهن

جنهن جيون ۾ سونهن نه ڄاتي
تنهن ڄڻ زماني ۾ ڇائي پاتي
سونهن بنا سوچ ڪهڙي ڪم جي
ڄڻ ته پراڻي ۽ مُڏي ڪاتي

خداجي خدائي به سونهن
ڪائنات جي سچائي به سونهن
سونهن بنا ڪو سنسار ناهي
محبوب جي جدائي به سونهن

سنڌوء جي ڇولي به سونهن
امڙ جي جھولي به سونه
ٿر ۾ ساوڻ مينهن وانگر
هيءَ سنڌي ٻولي به سونهن

سنڌ پنهجي ساري سونهن
ٿر جي ٿڌي واري سونهن
ڪينجھر کان ڪشمور تائين
ڪچو، ڪاڇو، لياري سونهن

وٽمين جو ديس به سونهن
سائي چادر جو ويس به سونهن
ڪاٿي سبز ڪاٿي سفيد
پنهنجي سنڌ جو کيس به سونهن

گيتا جو گيان به سونهن
پنهنجو قرآن به سونهن
عيسا جو انجيل به سونهن
سينا جو بيابان به سونهن

قلندر جي اُڏار به سونهن
ڀٽائيءَ جي پڪار به سونهن
سچل جي هر سٽ ۽ وائي
سن مان اٿيل للڪار به سونهن

انسانيت جو آغاز به سونهن
هر سنگيت جو ساز به سونهن
سونهن ڌرتي جي ڌوڙ ۾
ماڻهپي جي پرواز به سونهن

چو سٽا

رب رکئي سهڻا، شل ڪوسا نه ڏسين ڏينهن،
سدائين وسنئي سائين، رحمت ڀريا مينهن،
وڏو ٿي شينهن، ڪجان خدمت سنڌ جي. (پنهجي پياري عبدالله ابراهيم لاءِ)

سنڌ پنهجي ازل تائين رهندي،
توايڏي واويلا ڇو مچائي آ.
لطيف جي ٻولي کي خطرو ناهي،
هي هلڪڙن جو شور اجائي آ. (لطيف يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي سائن بورڊن لاءِ ٿيل واويلا متعلق )

هو جو نه ڪم ڪري، ته پاڻ سمهي نه ڪيون ساءُ
جيئي منهجو مزور ڀاءُ، جو ٿو پگهر وهائي پاڻ لاءِ. (مزدورن جي عالمي ڏهاڙي تي)

پاڻ نه اگر دور ٿيئون،
دنيا ڇا دور ڪندي،
دلين جا رشتا قائم هجن،
دنيا ڇا مجبور ڪندي.

سچ ڪڏنهن لڪڻو ناهي،
دنيا چاهي زور لڳائي،
پاڻ ازل کان ملڻا آهيون،
ڪير ڪيڏو به شور مچائي.

ڪيڏا ظالم چهرا آهن،
پيار تي لڳل پهرا آهن
تون دل نه لاهه منهنجا سائين،
هر جاءِ پنهنجا سهرا آهن.

ٿر ۾ واري کٽڻي ناهي،
سچ جي ٻيڙي بڏڻي ناهي،
دنيا چاهي زور لڳائي،
پريت پنهنجي رڪڻي ناهي

تون دل نه لاهه منهنجا سائين،
هي منزل ماڻي ويندا سين،
توسان پنهنجي نيهن جو ناتو،
هر واعدو پاڙي ويندا سين.

پيار تي پهرا ڪير هڻندو،
دل ڪنهنجي ڪا جاگير ناهي،
توسان ملڻ کان روڪي جيڪا،
اهڙي قبول ڪا تقدير ناهي.

ڪونجن قطار ولر ۾ آئي،
اچي ڪينجهر جي سونهن وڌائي،
تماچي تڙ تي جاڳي پيو،
جنهن نوريءَ جي جان بچائي