Home » Uncategorized » سي لاهوتي لڏي ويا تعليمي ماهر استاد علي نواز پيرزادو

سي لاهوتي لڏي ويا تعليمي ماهر استاد علي نواز پيرزادو


 

 

 

    

  محمد ابراهيم کوکر

          انساني حياتي فاني آهي مگر ڪي انسان پنهنجي انمول ڪردار ۽ اخلاق جي عظمت جي ڪري هميشه لاءِ امر ٿي دنيا تي راڄ ڪن ٿا، اهڙن ئي عظيم تاريخ ساز ۽ ڪردار ساز شخصيتن ۾ استاد علي نواز پيرزادو جو شمار ٿئي ٿو، سائين علي نواز علم سان گڏوگڏ صاحبِ عمل ۽ اخلاق جي بلنديءَ تي رسيل اهو عظيم استاد هيو جنهن پنهنجي سموري زندگي سکڻ ۽ سيکارڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي، هزارين شاگردن لاءِ رهبر هئڻ سان گڏوگڏ استاد علي نواز جو ڪردار لطيف گهوٽ جي کاهوڙين مثل هو، مسلسل جدوجهد، علم، تربيت ۽ رهنمائي سندس باڪمال شخصيت جا ڪجهه پهلو آهن.

1955ع جي ڏهاڪي ۾ ساهتي پرڳڻي ۾ اک کوليندڙ استاد علي نواز پيرزادي ابتدائي تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ بچل پيرزادو مان حاصل ڪئي، جنهن کان پوءِ انٽر ڪرڻ بعد هن سنڌ يونيورسٽي ۾ وڌيڪ تعليم لاءِ داخلا پڻ ورتي، سنڌ جي هن سچي عاشق ۽ همدرد استاد پنهنجي پيشي سان سچائي جا اهي چٽ ڇڏيا آهن جنهن جو مثال ملڻ مشڪل آهي.

سنڌ جي مادر علمي سنڌ يونيورسٽي منجهان حسابن ۽ Statistics جي شعبي مان ڊگري حاصل ڪرڻ کان پوءِ هن پنهنجي شوق ۽ چاهه مطابق تعليم کاتي مان ئي پنهنجي عملي سفر جي شروعات ڪئي. استاد علي نواز پيرزادي جي پڙهائڻ جو طريقو ۽ فن هميشه نرالو رهيو، ٻين کان منفرد طبيعت رکندڙ استاد علي نواز پيرزادو منهنجو پسنديده استادن ۾ شامل هو، هو شاگردن کي انگن ۽ لفظن سان پيار جا درس ڏيندو رهيو، قدرت واري سندس ۾ اهڙي ته خوبي سمائي هئي جو ڏکئي ۾ ڏکيو سبجيڪٽ حساب ۾ کيس مهارت حاصل هوندي هئي، کيس شاگردن کي حسابن سيکارڻ ۽ سمجهائڻ جا کوڙ طريقا هئا، حسابن جي سمجهاڻي جي طريقي مون جهڙن ڪيترن ئي انگي بيزار دوست کي انگن اکرن سان محبت ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. ساڳئي طريقي سان کيس ٻوليءَ ۾ لفظن جي استعمال، جوڙجڪ، ۽ اهميت تي سٺو عبور حاصل هئس، انگريزي ۽ سنڌي سان گڏوگڏ عربي ۽ فارسي سان به پيار هئس، سندس گهر توڙي آفيس جي ٽيبل هميشه معلوماتي، اسلامي، درسي، غير نصابي ڪتابن سان ۽ ادبي مباحثن سان گونجندي رهندي هئي، راست بازي، حق گوئي ۽ سڌي ڳالهه ڪرڻ کان ڪڏهن به نه ڪيٻائين، اسان شاگردن سان هميشه حق ۽ سچ جو ساٿ، دلي لڳاءُ، محبت جي اها انتها هوندي هئي جو هر شاگرد اهو محسوس ڪندو هيو ته سائين مون کان وڌيڪ ڪنهن سان گهرو ناهي. جڏهن ڪلاس ۾ سبجيڪٽ پڙهائڻ لاءِ سائين علي نواز پهچندو هو ته سندس نظر صرف اڳين ڪرسين تي ويهڻ وارن تي شاگردن تي نه پر پوري ڪلاس جي سمورن شاگردن تي هڪ جهڙي نظر رکندو هو، هو هر شاگرد کان پڇا ڳاڇا ڪرڻ کان علاوه جڏهن هو فارغ ٿي ڪاليج ۽ يونيورسٽي جي ماحول ۾ داخل ٿيندو هو ته پوءِ به اهو استاد علي نواز پيرزادو ئي هو جيڪو اتان جي استادن کان به پنهنجي شاگردن جي پڙهائي ۽ سکيا بابت پڇا ڪندو هو، هميشه ڪاپي ڪلچر کان نفرت ڪندڙ استاد علي نواز پيرزادو کي اسان جي معاشري ۾ تعليم جي تباهي تي هميشه ڳڻتي رهندي هئي، کيس هميشه تعليم جو اونو رهندو هو، 57 ورهين جي ڄمار هوندي به هو جڏهن ڪنڊيارو شهر جو گورنمينٽ هاءِ اسڪول جو هيڊماستر مقرر ٿيو هو تڏهن به پنهنجي سبجيڪٽ طور ڪلاس وٺندو هو، ٻاهران ايندڙ شاگردن کي هميشه سکيا ڏيندو هو. هڪ عظيم ۽ محسن استاد جي حيثيت ۾ سائين هميشه پنهنجي شاگردن جو آئيڊيل ۽ گهڻگهرو رهيو، يونيورسٽي ۾ پڙهڻ دوران اسان جي پروفيسرن کي خط لکي ۽ فون ذريعي حال احوال پيووٺندو هو، کيس هميشه پنهنجن شاگردن سان لڳاءُ ۽ محبت، انهنجي ترقي، ڪاميابي جو اونو رهندو هو، شاگرد به کيس ابي جي حيثيت ۽ پيار جي نگاهه سان ڏسندا هئا، اڄ جي معاشري ۾ جڏهن استاد ڪلاس ۾ پيرڊ وٺڻ لاءِ تيار ناهن، سائين کي هميشه اسان شاگردن جي رهنمائي ۽ آئيندي لاءِ بيقرار ڏٺو ويو، سائين پنهنجي زندگي ۾ شاگردن جي رهنمائي لاءِ هميشه اڳڀرو نظر ايندو هو.

سائين جي همه گير شخصيت جي هڪ اهم ڪڙي ڪردار جي اورچائپ ۽ سچ حق جي آواز جي حمايت هئي، سائين هميشه پنهنجي شاگردن کي به ان جو درس ڏنو، سائين جو اعتماد ۽ ڪرخت لهجو هميشه اسان کي به عملي زندگي ۾ رهنمائي ڪندو رهيو  آهي، شاگردن کي خاص نصيحت ڪندو هيو ته هميشه حق لاءِ جاکوڙِ ۽ غريب غربي جا حمايتي رهجو، پنج وقت نماز، تهجد پڙهڻ جي باوجود ملاعيت ۽ انتهاپسندي کان ڪوهين ڏور استاد علي نواز پيرزادو محبت جي درس جو قائل رهندو هيو، هو هميشه وٽس ايندڙ محتاج، غريب مسڪين جي حيثيت آهر سهائتا ڪندو هو، سندس طبعيت ۾ خلق خدا لاءِ هڪ قرب سمايل هو، هو هميشه وٽس ملڻ ايندڙن کي جيءَ ۾ جايون ڏيندو هو، سندس دور هڪ عظيم استاد جي حيثيت ۾ هميشه ياد ڪيو ويندو. سندس وڇوڙي هڪ عظيم دور جي پڄاڻي ۽ هاءِ اسڪول ڪنڊيارو ۽ ڪنڊيارو واسين لاءِ هڪ ناقابل تلافي نقصان آهي، سندس اچانڪ وڇوڙي تي هر اک اشڪبار آهي، سندس بي وقتائتي موت تي سندس ڪيترائي شاگرد، مٽ مائٽ ۽ دوست کيس لفظن جي ڀيٽا ڏين ٿا. پهرين جون 2013ع تي گڙدن جي بيماري وگهي گمبٽ جي اسپتال ۾ هن فاني جهان کي الوداع ڪري دار البقا ڏانهن راهي ٿيو، اسان سندس مغفرت واسطي ڌڻي در دعاڳو آهيون.

اڄ جڏهن هيءُ عظيم استاد اسان سان ظاهري طور گڏ ناهي، پر تنهائي ۾ اسان شاگردن جو فرض آهي ته اسان سائين جي نقش قدم تي هلندي ضرورتمندن جي بي لوث خدمت ڪيون، خاص ڪري انهن شاگردن جي مدد ڪيون جن جي ڪفالت ۽ سنڀال جي ذميداري استاد علي نواز پاڻ پنهنجي مٿي تي کنئي هئي، سنڌ جي هن جاکوڙي شخصيت جي جذبي خدمت خلق ۽ محبت انساني کي مشعل راهه بڻائيندي سندس خواهشن جي تڪميل ڪيون، منهنجي خيال ۾ سائين جي مشن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ سائين علي نواز پيرزادو کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪرڻ ضروري آهي.

Email: mike_salu@yahoo.com

 

Advertisements

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s

%d bloggers like this: