Home » Uncategorized » نئين سماجي معاهدي جي ضرورت محمد ابراهيم کوکر

نئين سماجي معاهدي جي ضرورت محمد ابراهيم کوکر

 

انسان سماجي جانور آهي ۽ سندس وڏي حاصلات معاشري ۽ سماج جو قيام آهي، انساني ترقي جا دور حقيقت ۾ سندس سماج جي اصلاح ترقي جي بنياد تي ڳڻبا وڃن ٿا. سماج جي اوسر جو بنياد ان جي رهندڙ عام فردن ۽ حڪومتي ڪاروهنوار هلائيندڙ رياستي ادارن جي وچ ۾ ٿيندڙ سماجي معاهدي تي آهي، ڪنهن به معاشري جي اندر اگر جي سماجي معاهدو ڪمزور يا بي اثر ٿي پوي ته اهو معاشرو تنزلي ۽ ويڳاڻپ جو شڪار ٿئي ٿو  هي سماجي معاهدو فردن ۽ رياست ٻنهي لاءِ اهم ٿئي ٿو ۽ ان جي پاسداري فردن ۽ رياستن ٻنهي جي ذميداري آهي.

اڄ جيڪڏهن نظر ڊوڙائجي ته خبر پوي ٿي ته اسان جو سماج هن معاهدي کان وانجهيل آهي، ڪو ته فرد پنهنجي ذميداري کڻڻ لاءِ تيار نه آهي، رياست ته هونئن ئي کوکلي ۽ ويڳاڻپ جو شڪار آهي، ان ڪري اها پنهنجي اهڙي صورتحال ۾ عام فرد جو ڪردار ۽ اهميت معاشري جي بقا لاءِ اهم آهن پر اسان جي سماج ۾ عام ماڻهو به پنهنجي فرد ۽ ڪردار کان وانجهيل ۽ اڻ ڄاڻ آهن. اڄ اسان سماجي تنزلي جي ان حد تي اچي بيٺا آهيون جو اسان ترقي ۽ خوشحالي ۽ برابري جهڙا لفظ صرف ڪتابن ۾ لڀن ٿا، سماجي برائيون جهڙوڪ جهالت، حسد، ناانصافي، حقن جي پائمالي ۽ عورت جي تذليل اسان وٽ گهر ڪري چڪيون آهن، قبائلي جهيڙا، ڦرون، اغوا، ڌاڙا، ڪاروڪاري ۽ اسڪولن جون ويرانيون، سياسي دولاب ۽ ٺڳيون روز جو معمول بڻيل آهن، انهن سڀني برائين جو ڪارڻ فردن ۽ رياست جو سماجي معاهدي تان هٽڻ ۽ پنهنجا فرض نڀائڻ نه آهي، رياست عملي طور تي ويڳاڻپ جو شڪار آهي ته عام ماڻهو پنهنجي ذميدارين کان اڻواقف آهي، هن بي حسي جو ادراڪ جيڪڏهن جلد نه ڪيو ويو ته اسان جي وجود کي خطرا لاحق ٿي سگهن ٿا هونئن به حقيقت پسندي جي تناظر ۾ ڏٺو وڃي ته اسان گهڻو ڪجهه وڃائي چڪا آهيون، اسان جا پنهنجا قدرتي وسيلا، پنهنجا شهر ۽ پنهنجيون حڪومتونن اسان جي هٽڻ کان نڪري چڪا آهن پاڻي لاءِ سڪندڙ درياءَ جي هڪ ٻوڏ اسان جي هزارين خاندانن کي دربدر ڪري پناهگيرن وانگر رهڻ تي مجبور ڪري چڪي آهي، اسڪول اوطاقون بڻيل آهن ته استاد ڪمداري ۾ خوش آهن، مڪتب ويران ۽ هوٽلون آباد آهن، معمولي ڳاله تي جهيڙا ڪنڌارپ ۽ خون ڪرڻ کي غيرتمندي جو نالو ڏنو ويو آهي، اڄ ڪلهه مذهبي انتهاپسندي جيڪا صدين تائين اسان کان دور هئي پڻ اسان ۾ گهر ڪري چڪي آهي.

اسان جو معاشرو لطيف سرڪار جي هن سٽ مثل بچي آهي.

”حقيقت هن حال جي، جي ظاهر ڪيان ذري.“

اهڙي صورتحال ۾ ضروري آهي ته معاشري جي فردن کي پنهنجي ذميدارين کان آگاهه ڪيو وڃي، فرسوده ۽ ناڪاره بڻيل سماجي معاهدي بدران هڪ نئون سماجي معاهدو آندو وڃي، رياست کي اهو احساس ڏياريو وڃي ته اسان کي اسان جي حقن تي جائز مالڪي تسليم ڪئي وڃي تعليم ۽ ترقي جي رستن تي اسان جو جائز حق مڃيو وڃي تعليمي ادارن ۾ آندل بگاڙ، امن امان جي خراب صورتحال ۽ بنيادي سهولتن جي اڻاٺ کي فورن ختم ڪيو وڃي ته جيئن فردن کي پنهنجيون ذميداريون پوريون ڪرڻ ۾ آساني ٿئي ٿي، هن نئين معاهدي تحت رياست جي ڏنل جائز حقن جي نتيجي ۾ فرد به سهپ برداشت، ترقي پسندي روشن خيالي ۽ جرات پسندي جو مظاهرو ڪندو.

سنڌي سماج اڄ اهڙي ڪنڌي تي رسيو آهي جو ان جي اصلاح ۽ بهتري ڪنهن عظيم جنگ جي فتح کان گهٽ ناهي، اسان سماجي معاهدي کي بگاڙي اجتماعي سوچ کي ڇڏي انفرادي ۽ گروپ بندي جا شڪار ٿي ويا آهيون، اسان وٽ انجمن، سادات، اتحاد، سنگت، بلوچ ۽ ڄام گروپ جهڙن تنظيمن اسان کي ذات پات ۽ برادري جي رستي تي بند ڪري ڇڏيو آهي، هن عام مسئلن جو حل هڪ نئين سماجي معاهدي ۾ ئي سمايل آهي، اسان کي پنهنجي عوام ۾ شعور پيدا ڪرڻو پوندو، هتي هڪ سوال اهو به پيدا ٿئي ٿو ته هن نئين سماجي معاهدي جو خاڪو ڪير تيار ڪندو، ان جا پڻ بنياد ڪير بڻائيندو، ته دوستو! اسان سنڌين کي پريشان ٿيڻ جي ڪا به ضرورت نه آهي، مرشد لطيف جهڙي جڳ مشهور انقلابي اصلاح پسند جي پيغام جي موجودگي ۾ اسان کي هيڏي هوڏي نهارڻ جي قطعي ضرورت نه آهي، ضرورت اگر آهي ته هن جي پيغام کي عام ڪري ان تي عمل ڪري پنهنجو پاڻ کي جاکوڙي، جدت پسند ۽ پڙهيل لکيل ڪري پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ جان بازي لڳائڻي آهي، هن نئين سماجي معاهدي تحت ڪنهن به فرسوده رسم جهالت، ناانصافي، ڪاروڪاري، حق تلفي ۽ لچائپ جي اسان وٽ ڪا به گنجائش نه هجڻ گهرجي، ان ۾ ئي اسان جي ڀلائي ۽ بقا آهي. نه ته نارائڻ شيام جا هي لفظ سچ ٿي سگهن ٿا:

”الله ائين نه ٿئي جو ڪتابن ۾ پڙهجي.

ته هئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي.“

Email:mike_salu@yahoo.com

 

 

 

 

 

 

Advertisements

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s

%d bloggers like this: