Home » Uncategorized » لطيف يونيورسٽيءَ ۾ تنهائيءَ جي موسم

لطيف يونيورسٽيءَ ۾ تنهائيءَ جي موسم

کجين جي شهر خيرپور ۾ جون جو مهينو ڏوڪن جي پچڻ ۽  لطيف يونيورسٽي ۾ وڇوڙي جي موسم جي ڪري هميشه اهميت جو حامل رهيو آهي . انگريزي ادب جي شاگرد جي حيثيت ۾ جڏهن ڪنهن محبوبه جي تعريف ۾ شاعر کيس جون جي مهيني سان تشبيه ڏيندو هيو ته پاڻ وٽ لونءَ ڳاريندڙ گرمي ڏسي ڏاڍي کل ايندي هئي. مگر هاڻ جڏهن آخري امتحان ڏئي يونيورسٽي کي الوداع ڪرڻ جو وقت آيو آهي . ته احساس ٿئي ٿو ته جون ڪيڏو نه اهم مهينو آهي. چئن سالن تائين پڙهائيءَ سان گڏو گڏ هڪٻئي سان ساٿ نڀائڻ جا وچن ڪرڻ کانپوءِ هن سال جون ڄڻ تن طارق عالم ابڙي جي ناول “رهجي ويل منظر” جا نقش تازا ڪري ڇڏيا آهن . اگرچه دل ۾ وڇوڙي جا انبار کڻي چهري تي باهمت مرڪ سينگاري دوستن کي وڏين دعائن سان الوداع نه ڪيون ٿا پر حقيقت ۾ لطيف يونيورسٽي ۽ حآمي هاسٽل کان پري رهڻ جو ڏک جيءُ جهوري ڇڏي ٿو. بچپن کانپوءِ شايد يونيورسٽي جي زندگي ئي آهي جيڪا هميشه لاءِ يادگار رهي ٿي. هاڻي عملي سفر لاءَ سانباها ڪرڻا پوندا ته خبر پوندي ته زندگي جي حقيقت ڇا آهي.

            شاه عبداللطيف يونيورسٽي اتر سنڌ جي اها عظيم درسگاه آهي جنهن پنهنجي اندر اسان جا ڪيترا ئي قيمتي پل بچائي رکيا آهن. هاڻي ته اڪانامڪس ڊپارٽمنٽ جي ان اپسرا جو ديدار به الاءِ نصيب ٿيندو الاءِ نه جنهن جي ديدار لاءِ اصغر ۽ سجاد ۾ ڄڻ ته سمسٽر ٽاپ ڪرڻ جيترو مقابلو ٿيندو هيو. باٽني جي شهزادي ته شايد اسان جي وڃڻ تي سڪون جو ساه کڻي مگر هاڻي کيس ڪير کلائيندو انگريزي شعبي جو نئون چيئرمن به ڇا ياد ڪندو ته ڪهڙي بلا مان سندس جان ڇٽي / آجي ٿي آهي. شڪر ته ميڊم راشده به ڪندي هوندي جو کيس هاڻي انگريزي ادب جا پراڻا ڪتاب اٿلائڻ مان شايد نجات ملي.

            حامي هاسٽل جو ماحول وسارڻ ۾ ته اسانکي شايد سال لڳن پر لائبريري جي ان ڪارنر تي هاڻي ڪير ويهندو جتي انگريزي ادب ۽ سياسي ڪتابن جا ڍير کڻي پيا. اجاڳا بحث مباحثا ڪندا هئاسين. ڪينٽين واري جو قرض ته هاڻي لڳي ٿو ته نوڪري وٺي پوءِ ئي لاهيون . هي سڀئي عظيم يادون کڻي جڏهن سڀاڻي سامان ٻڌي گهر اينداسين ته خبر پوندي ته وڇوڙي جو ڏک ڇا ٿيندو آهي.

            هي جون اسان کان شايد زندگي ڀر نه وسري اڄ پنهنجي غلطين تي پشيماني به ٿئي ٿي ته حاصلات تي فخر به ٿئي ٿو مگر زندگي جون هي چار بهارون جيڪي کجين ۽ کارڪن جي شهر ۾ گذريون هميشه لاءِ ياد ۾ امر ٿي ويون آهن.

            سڀاڻي جڏهن لڏا ٻڌي پنهنجن گهرن ڏانهن روانا ٿينداسين ته دوستو ياد رکو استادن جا عظيم درس ۽ يونيورسٽي جا سبق ضرور اسان جي رهنمائي ڪندا. محنت جي عظمت حاصل ڪرڻ لاءِ راشد مورائي جي هن شعر کي پنهنجون سونهون بڻائڻو پوندو.

مرشد منهنجو ڀٽ ڌڻي ، ڀونگر منهنجو ڀاءُ

سنڌو ماتا جي ته سوچن سان ڪيم سرچاءُ

سمهڻ ڪهڙو ساءُ جيڪو جدو جهد ۾.

 

لطيف يونيورسٽي سان اسان جو عشق ڪنهن محبوبا سان گذاريل گھڙين کان گھٽ نه آهي . سنڌ جي هن مادر علمي ۾ مليل محبتون اسان جي ڪل جيون جو سرمايو آهن. گذريل چند سالن ۾ جھڙي طرح هن عظيم درسگاهه پنهنجو پاڻ کي ٺاهيو آهي ۽ سنواريو آهي ان لاءِ اسان انتظاميه جا ٿورائتا آهيون هر بيريم ۽ باٽنيڪل گارڊن يونيورسٽي جي حسن لاءِ چنڊ مثل آهي ته اياز ۽ روضي ڌڻي چيئرز تحقيق لاءِ نوان دڳ کوليا آهن اگرچه فنڊن جي کوٽ ۽ سرڪاري سطح تي سستي يونيورسٽي لاءِ انيڪ مسئلا پيدا ڪن ٿا. مگر پوءِ به گرمي ۽ سردي ۾ علم جي لاٽ روشن رکڻ لاءِ هتان جا استاد جس لهڻن هي سڀ ڀاوناؤن من ۾ سمائي عملي زندگيءَ ۾ قدم رکندڙ تمام دوستن لاءِ دعا آهي ته؛

“ جتي رهو سکيا رهو، اسان جي آ دعا اها”

هن دفعي شايد خيرپور جون کارڪون نصيب نه ٿين پر هتان جي اپسرائن جي اکين جو پياريل خمار شايد تا زندگي ختم نه ٿئي ۽ دلين جا ڏنگيل ڪافي دوست ٿي سگھي ته شايد خيرپور ۾ ئي دل جي وستي آباد ڪن. اسان جي نصيبن ۾ شايد ڪا اهڙي خوشخبري اچي ها مگر بقول شاعر.

“تون حسين آن، مغرور آن،مان عشق هان، مجبور هان،

تاريخ ۾ نالو امر تنهنجو به آ منهنجو به آ،

الفت ته ٿا سليون ٻئي،تون شرم کان ، مان خوف کان،

اظهار لاءِ آتو اندر ، تنهنجو به آ، منهنجو آ.

                                                                                                            محمد ابراهيم کوکر

                                                                                                                                    “ڪنڊيارو”

Advertisements

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s

%d bloggers like this: