Home » Uncategorized » “بينيظير ارادن جي مالڪ بينظير”

“بينيظير ارادن جي مالڪ بينظير”

 

 

          ايشيا جي ارڏي انقلابي اڳواڻ ۽ دارتي چڙهي جان جي بازي لڳائيندڙ ڀٽو جي گھر ۾ 21 جون 1953 تي جنم وٺندڙ بينظير بلڪل پنهنجي نالي وانگر بينظير هئي لاڏ ڪوڏ سان نپايل هن ننڍڙي شهزاديءَ جي زندگي لطيف سرڪار جي سٽ “سر جيس تان سور، سامايس تان سک ويا” جو عملي مظهرهئي. پيءُ جي بي پناهه لاڏلي پنڪي کي پنهنجي اهميت جو اندازو ته ان وقت ئي ٿي ويو هيو جڏهن سندس والد اندرا گانڌي کان شڪست کاڌل فوج جا نوجوان واپس وٺڻ لاءِ شملا ياترا تي کيس گڏ وٺي ويو هيو . 70 ڪلفٽن ۾ نازن سان پليل ننڍڙي پنڪي جڏهن سينٽرل جيل سکر ۾ قيد جا ڪڙا ۽ تلخ ڏيهن گذاري رهي هئي ته سنڌ جي عوام کي سندس جي روپ ۾ ڀٽائيءَ جي سورمين جي عملي تصوير نظر ٿي آئي.

          هوشيارپ ڏاهپ ۽ اڳواڻي ته کيس ورثي ۾ ملي هئي پر سندس ڪردار جي اورچائپ ، عام ڪارڪنن سان محبت ۽ دليري کيس عوام جي محبوب اڳواڻ بڻائي ڇڏيو هيو. هزارين جيالا جان تريءَ تي کڻي سندس تان قربان ٿيڻ کي زندگي جو اعزاز سمجھندا هئا ته هن به وسان ڪين گھٽايو ڪارساز جهڙي قهري واقعي جي ٻئي ڏينهن بغير ڪنهن پروٽوڪول جي لياري ۾ پهچي اتان جي ماڻهن ۽ پنهنجي ڀائرن جي عيادت لاءِ پهچڻ سندس جي عوام محبت جو عملي ثبوت آهي .

          ڪراچي جي ڪنويننٽ آف جيسس اينڊ ميري(Convent of Jesus and Mary)  جي ننڍڙي گڏڙي جڏهن ريڊ ڪلف (Radcliffe) ۽ آڪسفورڊ ۾ پير پاتا ته ايشيا جي هن راڻيءَ تعليمي ميدان ۾ پيءَ جيان با صلاحيت ۽ باهمت شاگرد طور پاڻ ملهايو.

          تقرير جي فن ۾ اعليٰ پائي جو ڪمال رکندڙ سنڌ جي راڻي جڏهن آڪسفورڊ يونين جي صدر بڻي ۽ پنهنجي فصاحت ۽ بلاعت جي اظهار لاءءِ پهرين تقرير ڪرڻ آئي ته چڱن ڀلن گورن جا هوش ٺڪاڻي اچي ويا. 1977 ۾ جڏهن اڃا 24 ورهين جي هئي ته کيس پاڪستان ۾ 5 جولاءِ جو ڪارو ڏينهن ڏسڻو پيو پر هن باهمت ۽ حوصلا مند نياڻيءَ پيءُ سان ڪيل وچن کي پاڙيندي پاڪستان جي مضبوط ۽ قهري اسٽيبلشمنٽ سان منهن ڏيڻ لاءِ تيار ٿي وئي جيل مان پيءُ جا خط سندس حوصلا مضبوط ۽ ارادا اٽل ڪندا رهيا.

          4 اپريل تي جڏهن سندس والد جو لاش تابوت ۾ بند ٿي ڳڙهي خدابخش پهتو ته هن پاڪستاني اسٽيبلشمنٽ کي ساڳي طرح تابوت ۾ بند ڪرڻ جو عزم ورجايو ضياء جا قهري سال به سندس عزم ۽ حوصلن کي پست نه ڪري سگھيا ته ضياء باقيات به سندس آڏو ڪنڌ نوائڻ تي مجبور ٿي پئي ، سختيون، تڪليفون، قيد، صعوبتون ۽ ڪوڙا کيس عوام کان الڳ نه ڪري سگھيا. ضياء جي حادثاتي موت کانپوءِ جڏهن جمهوريت جو ڪمزور وجود پاڪستان ۾ ظاهر ٿيو ته شهيد راڻي اسلامي دنيا جي پهرين خاتون وزيراعظم طور حلف کنيو.

          اسٽيبلشمنٽ کي هن ڪمزور مگر باهمت ڪردار مان هميشه خوف رهندو رهيو. هر دور ۾ سندس حاصلات جي رستا روڪ ڪئي وئي ۽ ڪوڙن الزام هيٺ سندس حڪومت ۽ پارٽيءَ کي سازش جو شڪار ڪيو ويو. پر سسئي جي جدوجهد مان متاثر هن عظيم نياڻيءَ ڪڏهن به ڪنڌ ڪين جھڪايو. سندس عوام محبت جي امتحان کيس ڏاڍن ڏکين ۽ نازڪ دورن مان گذاريو ور جي نظر بندي ڀاءُ جي شهادت ٻه دفعا عوامي مينڊيٽ جي تذليل کيس ارادي ۾ اٽل ۽ ڪردار ۾ مضبوط ڪندي رهي 21 صدي جي پهرئين ڏهاڪي ۾ جڏهن دنيا ترقي لاءِ منصوبابندي ڪري رهي هئي ته پاڪستان هڪ دفعو وري هڪ فوجي جنرل جي ذاتي خواهش جو شڪار ٿي چڪو هيو هاڻي ته کيس وطن مان جلاوطن ٿيڻو پيو هيو ٽن ٻارن جي تربيت ۽ پرورش ۽ وطن کان دوري کيس لطيف جي مارئي بڻائي ڇڏيو هيو. همت هاري ويهي رهڻ ته ڳڙهي خدابخش جي ڀٽن سکيو ئي ناهي. دبئي۾ ويهي دنيا جي گردش جو گھرو مطالعو ڪيائين سندس سياست ۾ هاڻي وڌيڪ پختگي ۽ عواميت جو عنصر نمايان نظر اچڻ لڳوهيو. “ تهذيبن جي ٽڪراءَ” جي جواب ۾ جڏهن “مفاهمت ” جهڙو عظيم ڪتاب لکيائين ته معلوم ٿيو ته سندس سياسي سوچ پچي راس ٿي وئي هئي سياسي غلطين مان به گھڻو ڪجھ سکي چڪي هئي ۽ پنهنجي روايتي حريف سان به پاڪستان ۾ جمهوريت جي پختگي ڪارڻ “ ميثاق جمهوريت” جهڙو معاهدو ڪيائين 2007 ۾ جڏهن وطن واپس ورڻ جو فيصلو ڪيائين ته عوام دشمن قوتن ۽ فاشسٽ دهشتگرد گروپن کي پنهنجي لاءِ خطرو محسوس ٿيڻ لڳو. جان جي پرواهه ته کيس ڪڏهن رهي ئي نه هئي .موت جا ڪارا ڪڪر پنهنجي مٿان منڊلائيندي ڏسي به هن وطن واپس ورڻ جو فيصلو ڪيو ته ضرور کيس لطيف جي سٽ “ميائي جياس جي وڃي مڙهه ملير ڏي” ذهن ۾ هوندي ، آخر ۾ جڏهن “سرتيون! دعا ڪجاه، ته ڀر م پاروڙي رهي” چئي ڪنڏ اوچو ڪري راولپنڊيءَ ۾ عوامي محبت جي ميڙ کي خطاب ڪري ڪائنرن جي سازش جو شڪار ٿي ته عملي طور تي پيءَ وانگر عوام جي دلين ۾ امرٿي وئي.

          اڄ پاڪستان ۾ جيڪو جمهوريت جو راڄ آهي اهو سندس جي دورانديشي ، سياسي بالغ نظري ۽ قربانين جي عيوض آهي. پاڪستان جي تاريخ ۾ سندس نالو هميشه عظيم ۽ اورچ سياستدانن جي صف ۾ مٿانهون رهندو. پر افسوس ته سندس پڄاڻان سندس پارٽي ان وسيع نظري ۽ عوام محبت کان وانجهايل نظر اچي ٿي. اڄ پيپلز پارٽي ۾ واقعي سندس ڪمي شدت سان محسوس ٿئي ٿي گذريل دؤر ۾ ڪيل غير عوامي فيصلن ضرور سندس روح کي رنجايو هوندو. سندس سالگره جي موقعي تي سندس موڀي پٽ کي ضرور احساس ٿيڻ گھرجي ته سندس عظيم ماءُ جا ويچار ۽ آدرش سندس جي موجوده پارٽي قيادت کان ڪيترو مختلف ۽ عوام دوست هيا. اڄ ضرورت آهي ته سندس جي زندگي کي مشعل راه بڻائيندي ، پارٽي کي سندس جي سوچ مطابق هلايو وڃي ۽ اهو ئي هن عظيم اڳواڻ کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ برابر آهي.

                                                                             محمد ابراهيم کوکر

                                                                                                          (ڪنڊيارو)

 

                                                                                      CNIC #: 45302-6133994-9

                                                                                       Cell #: 0334-3674829

Advertisements

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s

%d bloggers like this: