Home » Uncategorized » “سنڌ جي نئين تعليم وزير کي ڪجھ گزارشون”

“سنڌ جي نئين تعليم وزير کي ڪجھ گزارشون”

Normal
0

false
false
false

EN-US
X-NONE
X-NONE

/* Style Definitions */
table.MsoNormalTable
{mso-style-name:”Table Normal”;
mso-tstyle-rowband-size:0;
mso-tstyle-colband-size:0;
mso-style-noshow:yes;
mso-style-priority:99;
mso-style-qformat:yes;
mso-style-parent:””;
mso-padding-alt:0in 5.4pt 0in 5.4pt;
mso-para-margin-top:0in;
mso-para-margin-right:0in;
mso-para-margin-bottom:10.0pt;
mso-para-margin-left:0in;
line-height:115%;
mso-pagination:widow-orphan;
font-size:11.0pt;
font-family:”Calibri”,”sans-serif”;
mso-ascii-font-family:Calibri;
mso-ascii-theme-font:minor-latin;
mso-hansi-font-family:Calibri;
mso-hansi-theme-font:minor-latin;
mso-bidi-font-family:Arial;
mso-bidi-theme-font:minor-bidi;}

سنڌ جي تعليم جنهن تباهيءَ جي ڪنڌيءَ تي پهتي آهي ان جو فوري حل ته اگرچه ڏاڍو ڏکيو آهي. ۽ ان لاءِ انقلابي، سائنسي ۽ ڪرشماتي اڳواڻي گھربل آهي پر پوءِ به اگر چند شين تي توجھ ڏنو وڃي ته گھڻو ڪجھ بچائي سگھجي ٿو. تعليم سان هن ويڌن جي تاريخ ڏاڍي پراڻي آهي. مگر گذشته چند سالن ۾ اربين روپيه ضايع ڪرڻ باوجود جھڙي طرح حالتون ابتري طرف وڌيون آهن ان جو فوري تدارڪ ضروري آهي.

          تعليمي نظام کي هلائڻ رياست جي اهم ذمه داري آهي پر اسان وٽ رياست ڄڻ ته پاڻ هٿ وٺي تعليم کي تباهيءَ جي ڪنڌي تي پهچايو آهي. 18 ترميم کانپوءِ تعليم مڪمل طور تي صوبن جي ذمه داري آهي. پرائمري تعليم کانوٺي هائيرايجوڪيشن تائين تمام اختيار صوبن کي مليا آهن ۽ تعليم جي وزارت جو ڪردار ان ڏس ۾ تمام اهم بڻيل آهي ان ڏس ۾ قانون سازيءَ جي به ضرورت آهي. جنهن لاءِ اوهان جو ڪردار اهم بڻيل آهي. پر هيٺ اسان ڪجھ ضروري معاملن طرف توهان جو ڌيان ڇڪائڻ چاهيون ٿا جنهنجو فوري حل تعليم جي ٻڏندڙ ٻيڙي کي ڪجھ سهارو ضرور ڏيندو.

1)    سنڌ جي تعليم جو هن وقت وڏو مسئلو بند پيل اسڪول ۽ مفت ۾ پگھارون کڻندڙ استاد آهن. اڳوڻي وزير تعليم مطابق سنڌ ۾ اهڙن گھوسٽ اسڪولن جو تعداد اٺن هزارن جي لڳ ڀڳ آهي. ۽ وڏيرن جي ڪمداري ڪندڙ ۽ گھر ويٺي پگھارون کڻندڙ تعليم دشمن گوسڙو استادن جو ته ڪو رڪارڊ ئي نه آهي. پير صاحب ته پنجن سالن ۾ اهي اسڪول نه کولرائي سگھيو. هاڻي اها اوهانجي ذمه داري آهي ته ان ڏس ۾ ڪهڙو ايڪشن کڻو ٿا.

2)    سنڌ جا رهيل کليل اسڪول به ڪنهن چڱي حالت ۾ نه آهن. فرنيچر جي کوٽ، زبون حال عمارتون، پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جي کوٽ، فنڊن جي غلط استعمال سبب پرائمري اسڪولن کان ويندي اعليٰ تعليمي ادارا به ڄڻ ويرانيءَ جو ڏيک پيا ڏين ڪروڙين روپين جي بجيٽ جو اگر ڪجھ حصو به بهتر طريقي سان استعمال ٿئي ته اهو شڪايتون دور ٿي سگھن ٿيون.

3)    گذريل دور ۾ ڀرتي ڪيل هزارين ملازمن (جنجي انڪوائري رپورٽ تيار آهي) جو معاملو به لٽڪيل آهي ان رپورٽ کي عام ڪري سندن قسمت جو فيصلو ڪيو وڃي ته جيئن سندن ڳڻتي به دور ٿي سگھي ۽ جڏهن توهان وٽ استادن ۽ اسٽاف جي ڀرتين جا طريقه ڪار واضع ڪيل آهن ته انهن ذمه دار ڪامورن خلاف به سخت ڪاروائي جي ضرورت آهي. جن لکين روپيه وٺي نااهل ۽ ميرٽ جي ابتڙ ماڻهن کي پئسن تي نوڪريون ڏنيون. هن قسم جي تعليم دشمن فيصلن تي سخت ايڪشن کنيو وڃي ته جيئن مستقبل ۾ ڪير اهڙي ڪڌي ڪم ۾ ملوث نه ٿئي.

4)    18 آئيني ترميم کانپوءِ هائيرايجوڪيشن ڪميشن ۽ يونيورسٽيون به صوبن جي دائره ۾ اچن ٿيون. باقي صوبن کي ڇڏي سنڌ ۾ اڃا به يونيورسٽيون وفاق جي نمائندي جي ڪنٽرول ۾ آهن. پنهنجو آئيني حق استعمال ڪندي پنهنجي تعليمي ادارن جي مالڪي ڪريو ۽ خاصطور تي ڪراچيءَ جي ادارن ۾ سنڌي شاگردن جي داخله لاءِ بند دروازه کولرائي پنهنجن نوجوانن جي احساس محرومي ختم ڪرڻ گھرجي .

5)    بينظير يوٿ ڊولپمنٽ پروگرام به پنهنجي افاديت وڃائي چڪو آهي. ان کي وري فعال ڪري باقائده سکيا ڏني وڃي. ڪامياب ڪورس مڪمل ڪرڻ تي نوجوانن کي سرٽيفڪيٽ ڏنا وڃن جيڪي مستقبل ۾ روزگار حاصل ڪرڻ ۾ مددگار هجن. هن پروگرام تي خاص توجھ جي ضرورت آهي. ڇو ته عدم توجهي ۽ دلچسپي جي کوٽ سبب پروگرام صرف مالي زيان جو ڪارڻ آهي. ساڳي طرح عالمي ادارن خاص طور تي يو.ايس.ايڊ USAID ورلڊ بينڪ ۽ برٽش ڪاؤنسل جي ڏنل مالي امداد کي به مؤثر نموني سان استعمال ڪرڻ جي ضرورت آهي. نه ته گذشته سالن ۾ سڀ کان وڌيڪ پئسا تعليم تي خرچڻ باوجود خاطر خواه نتيجا نه ملڻ جي صورت ۾ هي عالمي ادارا پنهنجي امداد ۽ فنڊنگ ختم ڪري سگھن ٿا. هونئن به اهڙي ڪنهن به پروگرام جو ڪهڙو فائدو جنهنجو لاڀ سنڌي عوام ۽ شاگردن کي سڌي طرح نه پوي.

6)    پنجاب حڪومت ته دانش اسڪول ۽ ليپ ٽاپ اسڪيم شروع ڪري پنهنجو نالو ڪمائي چڪي آهي. اوهان اگر اهڙو پروگرام شروع نه ٿا ڪري سگھو ته گھٽ ۾ گھٽ ٺهيل ٺڪل ادارن کي ته تباهيءَ کان بچايو تعليم جي تباهي جو تاريخي ڏوهه شايد قوم ڪڏهن به معاف نه ڪري.

7)    نصابي ليول تي نصابي ڪتابن ۾ نواڻ ۽ جدت جي ضرورت آهي. سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ۾ ويٺل نمائنده پنهنجي ذمه دارين کان عاري ۽ وانجھيل لڳن ٿا. نواڻ ته پري جي ڳالهه مفت ورهايل ڪتابن ۾ پرنٽنگ، ترتيب جون غلطيون ۽ ڪيترن ئي سبقن جو غائب هجڻ انتظامي نا اهلي ۽ فرض جي ڪوتاهي جا کليل مثال آهن افسوس ته ڪڏهن به ذمه دار شخص خلاف ڪاروائي نه ڪئي وئي آهي.

8)    سنڌ جي تعليمي سورن جا داستان ته ڪافي لمبا ۽ اڻ کٽ آهن پر سائين هي چند گزارشون فوري طوري توجھ طلب آهن ٺلهين ۽ کوکلي ڳالهين سان ڪجھ به بهتر نه ٿيڻو آهي. گذريل دور حڪومت ۾ هن کاتي گھڻو ڀوڳيو ۽ ميرٽ جو قتل عام ٿيندي ڏٺو آهي. خدارا اوهانکي هٿ ٻڌي عرض ٿا ڪريون ته اوهان اهڙي ڪڌن ڪمن کي ٻنجو ڏئي تعليم جي ٻڏندڙ ٻيڙي کي بچائڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندا ته سنڌي عوام تي اوهان جو احسان ٿيندو. اوهان جي پارٽي جي منشور ۾ به تعليم جي بحالي جو واعدو ٿيل آهي. مڃون ٿا ته هن اسٽيٽسڪو کي ٽوڙڻ لاءِ اوهان کي ڪافي دشوارين ۽ چيلنجز کي منهن ڏيڻو پوندو پر هن حساس ۽ تمام اهم قومي معاملي ته بهادرانه ۽ فيصله ڪن اقدام کڻڻ ئي اوهانجي قابليت جو اهم امتحان آهي.

 

                                                                             محمد ابراهيم کوکر

                                                                                                          (ڪنڊيارو)

 

Advertisements

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s

%d bloggers like this: