Home » Uncategorized » مني موالي جو ڪالم ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪارڪردگي

مني موالي جو ڪالم ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪارڪردگي

Normal
0

false
false
false

EN-US
X-NONE
X-NONE

 

مني موالي ۽ جائو جواري جو جهيڙو عروج تي هو اڄ ٻنهي ڄڻن پنهنجي تنقيد جا تير پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم جي طرف سڌا ڪيا هئا. مني موالي چواڻان ته جائو جواري پاڪستان ٽيم جي هارائڻ تي سٽو کيڏي پئسا ڪمائي هرو ڀرو پيو سندن تعريف ڪري چئي ته ڪروڙين روپيه خرچ ڪري صرف هارائڻ لاءِ ئي مئچ کيڏڻو آهي ته پوءِ دادو، حيدرآباد، لاڙڪاڻي ۽ ٺٽي جي رانديگرن ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي؟ پي سي بي جي چڱمڙسي به مڙئي پنهنجي رانديگرن تي رعب ڪرڻ لاءِ بچي آهي سفارش ڪلچر ۽ اختلافن ٽيم جي ڪارڪردگي تي سواليه نشان ڇڏيا آهن. آفريڪا ۽ چيمپينز ٽرافي ۾ بدترين شڪست کانپوءِ به ٽيم انتظاميه ۽ سليڪشن ڪاميٽي جي مٿي تي جونءَ به نه ٿي چري ڪروڙين روپيه خرچ ڪري گھرايل بيٽنگ ڪوچ به ٻوٽو ٻاري نه سگھيو آهي.

جڏهن ته جا﷡ؤ جواري جو موقف آهي ته پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم بهترين رانديگرن تي مشتمل آهي ۽ سندس ناقص ڪارڪردگي جو سبب قومي سطح تي ميچن جو نه ٿيڻ آهي. پاڪستان ٽيم جي ڪوچ جو شمار دنيا جي بهترين ڪوچز ۾ ٿئي ٿو . مني موالي سندس ڳالهه اڌ مان ڪٽيندي جواب ڏنس ته بلاشڪ ڊيوڊ واٽمور جو تعلق دنيا جي بهترين ڪوچز ۾ ٿئي ٿو. سريلنڪا ۽ بنگلاديش ٽيم کي نکارڻ ۽ سنوارڻ ۾ سندس وڏو ڪردار آهي پر  ڊپ اهو آهي ته ڪٿي هن عظيم ڪوچ جو حشر به باب وولمر جهڙو نه ٿئي چيمپينز ٽرافي ۾ بدترين شڪست کانپوءِ واٽمور جي چهري تي به ساڳي مايوسي ڇانيل هئي ۽ هاڻي ته سندس قابليت به داءَ تي لڳل آهي. جائو جواري به شڪست مڃڻ لاءِ تيار نه آهي دليل ڏيندي چيائين ته هر ٽيم تي ڏکيا ڏينهن ايندا آهن ۽ اڄ ڪلهه پاڪستان ٽيم مشڪل حالات مان گذري رهي آهي جلد ئي ٽيم پنهنجي پراڻي فارم ۾ اچي پنهنجو وقار بحال ڪندي .

مني موالي کي ڄڻ باهه وٺي وئي چيائين ته ڏکين ڏينهن ۾ دنيا جون ٽيمون ڏکيا فيصلا ڪنديون آهن ڪالي آنڌي ۽ هندوستاني بورڊن ڪيئن نه مئرٽ تي فيصلا ڪندي نوجوان ۽ باصلاحيت رانديگرن کي موقعا ڏئي پنهنجي ٽيمن کي مظبوط ڪيو آهي. انڊيا جي ٽيم ته سهواگ ۽ گمڀير جهڙن عظيم رانديگرن کي به پرفارم نه ڪرڻ تي گھر ويهاري ڇڏيو آهي جڏهن ته اسان وٽ نوجوان ۽ باصلاحيت رانديگرن کي گهر ويهاري من پسند يارن کي بار بار موقعا ڏنا پيا وڃن اي ٽيم ۾ شاندار پرفارمنس ڏيکاريندڙ رانديگرن هاڻي ڪاؤنٽيز۽ ليگ ميچن جو رخ ڪيو آهي. آخر ۾ مني موالي صدر پاڪستان کي اپيل ڪئي آهي ته.

1.     اگر پاڪستان ٽيم کي هروڀرو ”چلی جا رہی ہے خدا کے سہارے” واري انداز ۾ هلائڻو آهي ۽ کٽڻ هارائڻ ڀاڳ جو ئي ڪم آهي ته پوءِ سنڌي ۽ بلوچ نوجوانن کي به موقعو ڏنو وڃي ته جيئن ٽيم ۾ علاقائي تعصب جو تاثر گھٽ ٿئي.

 

2.     اگر واقئي قومي ٽيم جو عروج واپس آڻڻو آهي ته انقلابي قدم کڻندي ٽيم ۽ انتظاميه ۾ فورا تبديلي آڻي باهمت، باصلاحيت ۽ ذاتي ريڪارڊن بجاءِ قومي مفادن لاءِ کيڏندڙن کي اڳتي آندو وڃي نه ته آئرلينڊ جهڙي ٽيم کان ننهن چوٽيءَ جو زور لڳائي کٽيندڙ زمبابوي جهڙي ٽيم کان به رينڪنگ ۾ هيٺ هلي ويندي.

 

مني موالي جون تحريرون اوهان آڏو پيش ڪيون اٿم باقي ڪم وڏن جي هٿ ۾ آهي. زور اڳيان زاري آهي ڏسون ته ڇا ٿو ٿئي.

 

 

 
Advertisements

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s

%d bloggers like this: