Home » Uncategorized » “مني موالي جو ڪالم ۽ سنڌ ۾ گڏيل چٽا ڀيٽي جو امتحان”

“مني موالي جو ڪالم ۽ سنڌ ۾ گڏيل چٽا ڀيٽي جو امتحان”

 

اڄڪلهه منو موالي روزانه دوستن پاران ايندڙ سنڌ ۾ گڏيل ڇٽا ڀيٽي امتحان (COMBINED COMPETITIVE EXAMINATION 2013) جي ڄاڻ ۽ تيار بابت ڪيل مسلسل سوالن ڪري پريشان آهي. ماضي ۾ پنهنجي غلطين ڪري هي امتحان پاس ڪندڙ مني موالي نوجوانن لاءِ هي ڪالم لکي ڄن ته پنهنجو فرض پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

سنڌ حڪومت سول بيورو ڪريسي ۾ سنڌي ڀرتين لاءِ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي گڏيل چٽا ڀيٽي جو امتحان وٺندي آهي باقي بين صوبن ۾ ته هي امتحان باقائده تقريبن هر ٻئين سال منعقد ٿيندو آهي. پر اسان وٽ سنڌ ۾ جھموريت جا تقريبن پنج سال پورا ڪرڻ کان پوءِ ڪنهن عيد جي چنڊ وانگر هن امتحان جو انعقار ٿيندو آهي. ڪافي دوست ته پنجن سالن جي هن ڊگھي انتظار ۾ عمر جي حد ختم ٿيڻ کان پوءِ بيورو ڪريسي جو خواب دل ۾ کڻي رٽائر ٿيندا آهن. باقي ڪجھ خوشنصيب محنت ڪري منزل حاصل ڪري وٺن ٿا. بنيادي طور تي هن امتهان ۾ سنڌ صوبي جو دوميسائيل رکندڙ هر اهو نوجوان ويهڻ جو اهل آهي جيڪو گھٽ ۾ گھٽ 21 سالن جي عمر جو هجي ۽ سندس تعليمي قابليت گريجوئيشن هجي. مرد ۽ عورت اميدوارن لاءِ برابر موقعن لاءِ هن امتحان جا 2 حصا هوندا آهن.

  1. 1.                  لکت وارو امتحان: اخبارن ۾ اشتهار اچڻ کان پوءِ اميدوار جڏهن امتحان لاءِ فارم ڀريندا آهن ته کين ٻن ڳالهين جو خيال رکڻو هوندو آهي. هڪ ته کين مختلف پوسٽن کي پنهنجي ترجيح جي حساب سان رکڻو پوندو آهي ٻيو کين چونڊ سبجيڪٽن جو تعين به ڪرڻو پوندو آهي. لکت وارو امتحان حقيقت ۾ 8 پيپرن تي مشتمل هوندو آهي. جن ۾ 5 لازمي ۽ 3 چونڊ سبجيڪٽ هوندا آهن. لازمي پيپرن ۾ هڪ انگريزي مضمون نويسي (ENGLISH ESSAY)  ٻيو انگريزي گرامر ۽ ڪمپوزيشن مع اختصار سازي (ENGLISH GRAMMAR COMPOSITION & PRECIS WRITING) ڇوٿون جنرل سنڌي (GENERAL PAPER IN SINDH) ۽ پنجون جنرل ناليج جو هوندو آهي. جڏهن ته چونڊ مضمونن ۾ 43 جي لڳ ڀڳ مضمون مان ڪن به تن پيپرز جي چونڊ ڪرڻي پوندي آهي.

هن امتحان ۾ ڪاميابي جو اولين شرط لکت واري امتحان ۾ شاندار ڪارڪردگي ڌيکارڻ آهي. لکت جو هي امتحان حقيقت ۾ نوجوانن جي اندر لکڻ جي انداز، اصلوب، طرز لفظن جي صحيح استعمال، جوڙ جڪ، سٽاءِ ۽ فني ترتيب جو امتحان آهي. پيپر چيڪ ڪندڙ حضرات اميدوار جي ڄڻ، انگن اکرن (FACT & FIGURES) جي صحيح استعمال سان گڏ سندس ٻوليءَ جي قابلينت تعميري سوچ، تنقيدي نظر، حقيقت پسندي ۽ زباني مهارت کي به جاچي ٿو. اگر ڏٺو وڃي ته هن امتحان جي لازمي حصي ۾ ڪجھ به نئون نه آهي.  اميدوار انگريزي ۽ سنڌي کي مسلسل پنهنجي تعليمي سفر ۾ گڏ کڻندو پيو اچي. جنرل ناليج جي دسترس به اڄ جي جديد ميڊيائي ۽ نيٽ ورڪ جي دور ۾ ڪا مشڪل نه آهي. پر اصل ۾ اسان جي تعليم جو ٻيڙو ڪجھ اهڙو ٻڏل آهي جو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پنهنجي رپورٽ 2011-12  ۾ ان جو پٽڪو چڱي طرح ڪيو آهي. هن امتحان ۾ ڪاميابي لاءِ 3Ps تي ٻڌل مني مولي جو فارمولا اوهان جي سامهون عرض آهي.

PLANNING P-1 هر پڙهيل لکيل نوجوان کي ڊگري وٺڻ کان پوءِ عزت ڀرئي روزگار جي ئي تلاش هوند آهي. سول بيورو ڪريسي کان وڌيڪ پرڪشش، شناسائي ۽ داٻي واري ٻي ڪا نوڪري ته ٿي ئي نه ٿي سگھي. پوءِ ڇونه ان لاءِ تعليمي سفر دوران ئي پلاننگ ڪجي. لازمي پيپرن کي نظر ۾ رکندي انگريزي ۽ سنڌي ۾ لکڻ جي فن تي دستدس حاصل ڪجي. مضمون نويسي ۽ احتصار سازي جي مشق لاءِ روزانه جي بنياد تي مشق ڪري تجربيڪار دوستن کان درستگي ڪرائي.

 

 

 

 

(PREPARATION) P-2  امتحان جي اشتهار اچڻ کان اڳ ۽ پوءِ ان جي ڀرپور تياري ڪجي. مضمون جي چونڊ پنهنجي قابلينت ۽ ڄان آهر ڪرڻ گھرني. انگريزي ۽ سنڌي مضمون نويسي لاءِ مشهور ليکڪن جا مضمون پڙهي انهن جو اصلوب اپنائڻ جي ڪوشش ڪجي. روزانه جي بنياد تي جي مضق ڪئي وڃي. گذريل سالن جا پيپر گڏ ڪري انهن کي حل ڪري سٺي استاد کان چيڪ ڪرائڻ کپي. ڪچائين ڦڏائين کي دور ڪري، غلطن کان پاڪ لکڻي لکي وڃي. روزانه سٺي معياري انگريزي ۽ سنڌي اخبار جو مطالعو ڪيو وڃي ته جيئن امتحان واري ڏينهن ماڻهو آئڊياز ۽ لفظن ۾ کُٽي نه پوي.

 

(PRESENTATION) P-3 هن امتحان ۾ هر دفعه هزارن جي تعداد ۾ دوست ويهندا آهن تمام دوست باقائده تياري ڪري ويهڻ جي باوجود به صرف چند سئو دوست لکڻ جو امتحان پاس ڪندا آهن. ان جو سبب اهو آهي ته ڪافي دوست تمام تياري باوجود امتحان واري ڏينهن پنهنجي مواد جي معيار پيشڪش (PRESENTATION) ئي آهي. جيڪا چيڪ ڪندڙ کي وڌ کان وڌ مارڪون وٺڻ کي مجبور ڪري ٿي. فني سٽا کان علاوه ٻوليءَ جو اصلوب ۾ زباني روانگي لفظن جي سٽاءَ ۽ جوڙجڪ، تعمير سوچ، جدت پسند خيالات، حوصلا مندي ۽ دانشندانه سوچ جو اظهار اوهان جي ڪاميابي جي سفر کي آسان بڻائي سگھي ٿي. لکت واري امتحان ۾ اميدوار جي شاندار ڪارڪردگي اوهان جي لاءِ هن امتحان جي ٻئي حصي يعني زباني امتحان لاءِ دروازه کولي ٿي.

2.زباني امتحان (VIVA VOICE  250 مارڪن جو هي انٽرويو نما امتحان حقيقت ۾ اميدوارن جي خوداعتمادي شخصي رعب انداز گفتگو، ڪلام جي پرک ۽ سندس شخصيت جي سڃاڻپ جو امتحان آهي. هن ضهي ۾ ڪاميابي لاءِ اميدوار کي رواني سان ڳالهائڻ، سمجھ ادراڪ ۽ فهم جو وقتي استعمال تمام گھڻو فائدو ڏئي ٿو. اعتمان جي کوٽ يا وري هروڀرو حد کان وڌيڪ زياده خوداعتمادي ۽ سياڻپ جو غلط استعمال هن امتحان تي ناڪاري اثر ڇڏن ٿا. زباني امتحان جي ڪاميابي کان پوءِ توهان جي لکت جي امتحان ۽ زباني امتحان کي ملائي توهان جي ميرٽ ٺهندي آهي جنهن مطابق اوهان کي مختلف گروپس ۽ پوسٽن تي رکيو ويندو آهي.

آخري دفعو هي امتحان 2008-9 ۾ مشتهر ٿيو آهي ۽ هاڻي گھمي ڦري 5 سال پورا ٿيا آهن ته فوري امڪان آ نه دير سوير هي امتحان وري مشتهر ٿئي. دوستن لاءِ هي شاندار موقعو آهي ته هو هن سنهري موقعي مان ڀرپور  فائدو وٺڻ ۽ پنهنجي صلاحيتن کي آزمائن، گھٻرائڻ جي ڪابه ڳالهه ڪانهي مارڪيٽ ۾ هن امتحان جي تيار لاءِ تمام سٺا ۽ معياري ڪتاب موجود آهن. پر ان سان گڏ دوست اگر روزانه سنڌي ۽ انگريزي اخبار پڙهن کي پنهنجي عادت بڻائن، حالات حاضره جي پروگرامن کي روزانه جي بنياد تي ٻڌن ۽ ان سان گڏوگڏ ڪجھ ماهوار انگريزي ۽ سنڌي رسالا لڳاتار مطالعي هيٺ آڻن ته تمام بهتر نتيجا نڪري سگھن ٿا.

 

هي امتحان حقيقت ۾ اميدوار جي مستقل مزاجي همت حوصلي، عملي سڃاڻپ ۽ ادبي زوق ۽ شوق جو امتحان آهي.

 

مني موالي جي ڏنل تجويزن تي غور ڪري اگر گھڻو ڪجھ نه ته به ڪجھ پنهنجو رستو آسان ڪري سگھجي ٿو. باقي اگر وڌيڪ مني موالي کي هن سلسلي ۾ تنگ ڪرڻو آهي ته پوءِ بسم الله ڪري دير نه ڪريو. کيس هن E_MAIL  تي رابطو ڪيو. Mike_salu@yahoo.com

                                                                                               

                                                                                                                                    محمد ابراهيم کوکر

                                                                                                                                                ڪنڊيارو

CNIC # 45302-6133994-9

CELL NO: 0334-3674829

Advertisements

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s

%d bloggers like this: