Home » Uncategorized » “مني مواليءَ جو ڪالم ۽ گڏيل چٽاڀيٽي امتحان جي تياري”

“مني مواليءَ جو ڪالم ۽ گڏيل چٽاڀيٽي امتحان جي تياري”

مني موالي جي گذريل ڪالم کان پوءِ کيس ڪافي دوستن پاران امتحان جي تياري خاص طور تي لازمي سبجيڪٽن جي حوالي سان ڪافي emails وصول ٿيون آهن. ان ڏس ۾ سندس هيٺيون تجويزون ڪافي مددگار ثابت ٿي سگهن ٿيون.

 .       انگريزي مضمون نويسي (English Essays):

50 مارڪن جي هن پيپر مان ڪنهن به هڪ ٽاپڪ تي صاف سٿري ۽ غلطين کان پاڪ انگريزي ۾ هڪ مضمون لکڻو هوندو آهي. مضمون لکڻ به هڪ فن آهي. هن فن ۾ مهارت حاصل ڪرڻ لاءِ روزانه جي بنياد تي لکڻ جي مشق ڪرڻ ضروري آهي. هڪ سٺو مضمون لکڻ لاءِ ٻوليءِ جو صحيح استعمال، سٺو انداز ۽ اسلوب، خيالات جي رواني سان گڏوگڏ ان جي سٺي شروعات (Introduction)، مکيه ۽ ضروري گهربل معلومات (Main Body) ۽ پُراثر ۽ متوازن اختتام (Conclusion) تمام اهم آهن. مضمون لکڻ کان پهريان هيٺين ڳالهين تي ضرور غور ڪيو وڃي.

1) ٽاپڪ جي چونڊ وڏي سوچ ويچار ڪرڻ کان پوءِ ڪئي وڃي ۽ طئي ڪيو وڃي ته اهو ٽاپڪ بياني (Descriptive)، تقريري (Narrative)، عڪاسي ڪندڙ (Reflective) يا تشريحي (Explanatory) نوعيت جو آهي.

2) ٽاپڪ متعلق ذهن ۾ ايندڙ خيالات جو ڪچو خاڪو (Rough outline) ٺاهي، ان بعد غير ضروري شيون ڪٽي، منظم (Systematic) ۽ موافق (Coherent) خاڪو تيار ڪيو وڃي.

3) تعارف (Introduction) ٽاپڪ سان بلڪل لاڳاپيل ۽ فضول بحث کان پاڪ هجي.

4) هر خيال (Main Idea) کي نئين پيراگراف ۾ لکڻ کپي.

5) مضمون جي زبان آسان، سادي، سڌي، لاڳاپيل ۽ سٺن لفظن تي ٻڌل هجي. بازاري (Slang) ۽ غير مروج (Colloquial) ٻوليءَ کان پاسو ڪرڻ کپي.

          هن سبجيڪٽ جي تياري لاءِ بهتر انداز اسلوب اپنائڻ لاءِ هيٺين ڪتاب جي مضمون نويسي وارن حصن جو اڀياس مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو.

1)    High School English Grammar & Composition by Wren & Martin   (2) Exploring the world of English (3) منظور مرزا جا ڪتاب Sundry Reflection ۽ Essays and Paragraphs ۽ ٻيا به ڪيترائي ڪتاب مارڪيٽ ۾ موجود آهن. انٽرنيٽ کي به هن مقصد لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو.

 2.       انگريزي گرامر، ڪمپوزيشن ۽ اختصار سازي: English Grammar, Composition and Precise writing

          هن پيپر ۾ هڪ دفعو ٻيهر اوهان کي مضمون نويسي ڪرڻي پئي ٿي. ان سان گڏ هن پيپر جو اهم سوال اختصار سازي (Precise Writing) آهي. اختصار سازي هڪ اهم ۽ لازمي سوال آهي. هن سوال کي حل ڪرڻ لاءِ ٻوليءَ جي مهارت ۽ ڏنل ٽڪري (Passage) جي سمجھ هجڻ ضروري آهي. ان بعد ان ۾ تڪميل (Completeness)، اختصار (Compactness & Brevity)، وضاحت (Clarity)، موافقت (Coherence) ۽ منطقي ترتيب (Logical Sequence) شامل آهن.

          ان کان سواءِ هن پيپر ۾ انگريزي گرامر، اصطلاحن (Idioms)، ساڳين لفظن جي استعمال ۽ فرق (Pairs of words)، غلطين جي درستگي (Correction of errors) ۽ انگريزي زبان جي صحيح استعمال بابت رواجي سوال شامل هوندا آهن. هن پيپر جي لاءِ هيٺيان ڪتاب مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا:

(1) Mastering the world of English (2) Practical English usage (3) Practical English Grammar by Eastwood (4) Precise Writing by R.Dhillions  وغيره.

 3.       سنڌي مضمون نويسي: Sindhi Essay Writing

          50 مارڪن جي هن پيپر ۾ مضمون نويسيءَ لاءِ رهنما اصول ته اهي ساڳيا آهن جيڪي اسان انگريزي واري حصي ۾ بحث ڪري آيا آهيون. اڪثر اسان جا دوست سنڌي مضمون نويسيءَ کي بلڪل آسان وٺندا آهن، پر ائين هرگز نه آهي. سنڌيءَ ۾ مضمون لکڻ لاءِ ٻوليءَ جي رواني، جملي جي جوڙجڪ، محاورن ۽ اصطلاحن جو استعمال ۽ خوبصورت، وڻندڙ لفظن جو استعمال ضروري آهي. هن سلسلي ۾ مشهور سنڌي مضمون نويسن جهڙوڪ: جامي چانڊيو، عبدالقادر جوڻيجو، علي قاضي، حفيظ ڪنڀر ۽ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو وغيره جون لکڻيون مدد ڏئي سگهن ٿيون. سنڌي اخبارن جا ايڊيٽوريل پيج ۽ آچر تي نڪرندڙ مئگزين به هن ڏس ۾ نمايان طور مددگار ٿي سگهن ٿا.

مددگار ڪتاب: ٽه ماهي مهراڻ، پندرهن روزا افيئر، مقابلي جي  امتحان لاءِ لکيل اڪبر لغاري ۽ مختيار ملاح جا ڪتاب وغيره.

 

4.       سنڌي جنرل پيپر: General Paper in Sindhi

          هن پيپر ۾ اميدوار جي سنڌي زبان، ادب ۽ تاريخي پسمنظر بابت ڄاڻ کي پرکيو ويندو آهي. هن پيپر ۾ هڪ مضمون لکڻ کان سواءِ بيتن جون سمجهاڻيون، تشريحون، اصطلاح، محاورا، اشتقاق، سنڌي ادب جون صنفون ۽ ان جا دور، اهم سنڌي شاعر، ليکڪ ۽ تمام اهم سوال سنڌي مان انگريزي ۽ انگريزي مان سنڌي ۾ ترجمو ڪرڻ شامل آهن. هڪ اهم سوال شعر کي مڪمل ڪرڻ جو به هوندو آهي خاص طور تي شاھ سائين جو گهرو مطالعو هن پيپر ۾ مددگار ٿي سگهي ٿو. ان کان سواءِ سنڌي ادب ۾ لکيل مشهور ڪتابن ۽ سندن ليکڪن جي ڄاڻ به اهم آهي. هن پيپر کي پاس ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته هيٺين ڪتابن جو مطالعو هجي.

پيغام لطيف، جي.ايم.سيد، ٽه ماهي مهراڻ سوانح نمبر، ٽه ماهي مهراڻ ۽ بند ٿيل رسالي سهڻي جا پراڻا شمارا، عبدالجبار جوڻيجو جو سنڌي ادب جو مطالعو، مختيار ملاح ۽ اڪبر لغاري جا چٽاڀيٽي امتحانن لاءِ لکيل ڪتاب وغيره.

 5.       جنرل ناليج: General Knowledge

          هن پيپر ۾ اميدوار جي عام معلومات، حالات حاضره، دنيا جي ڄاڻ سان گڏوگڏ جنرل سائنس جي ڄاڻ بابت سوال ڪيا ويندا آهن. ماضيءَ ۾ هي پيپر مڪمل طور تي موضوعي (Subjective) سوالن تي ٻڌل هوندو هو، پر گذريل ڀيري يعني 2009ع کان هن پيپر ۾ معروضي سوال (MCQs) پڇيا وڃن ٿا. تقريباً 80 سيڪڙو MCQs سوالن سان گڏ گذريل ڀيري موضوعي سوال پڻ شامل هئا. بهرحال تياريءَ لاءِ ضروري آهي ته جامع تياري ڪئي وڃي. جنرل ناليج سان گڏ حالات حاضره، ملڪي ۽ عالمي صورتحال ۽ سائنسي ڄاڻ تي ڌيان ڏنو وڃي ان سان گڏ گذريل دفعي سوالن ۾ سنڌ بابت معلومات تي به گهڻو ڌيان ڏنو ويو هو. ان ڪري سنڌ جي معلومات به گڏ ڪئي وڃي. ان ڏس ۾ هيٺيان ڪتاب مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا: عالمي معلومات، سنڌ بابت ڄاڻ (روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو)، Encyclopedia of General Knowledge.

          مني مواليءَ مختصر طور تي پنهنجي طرفان هن امتحان ۾ لازمي سبجيڪٽن جي تياري جي حوالي سان ڪجھ تجويزون اوهان آڏو پيش ڪيون آهن. حقيقي ڪاميابي اوهان جي محنت، لگن، سچائي ۽ مطالعي جي شوق تي ٻڌل آهي. صوبي جي اعليٰ بيوروڪريسي جو حصو بڻجڻ لاءِ ضروري آهي ته ڀرپور تياري ۽ واضح ذهن سان هن امتحان ۾ ويهجي. ڪنهن جڳاڙي شارٽ ڪٽ بدران منظم انداز ۾ تياري ڪري تجربيڪار استادن جي رهنمائي حاصل ڪجي. مني موالي جائو جواري سميت تمام دوستن کي گذارش ڪئي آهي ته فضول وقت وڃائڻ بدران هن امتحان جي تياري لاءِ سندرو ٻڌي تياري ڪن. مني موالي جون دعائون ۽ تجويزون هر وقت اوهان سان گڏ آهن. مني موالي کان وڌيڪ معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ هن اي.ميل تي رابطو ڪري سگهجي ٿو: mike_salu@yahoo.com

*ختم شده*

   Muhammad Ibrahim Khokhar

Advertisements

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s

%d bloggers like this: