Home » Uncategorized » “مني مواليءَ جو ڪالم ۽ گڏيل چٽاڀيٽي امتحان ۾ عمر جي آخري حد” (محمد ابراهيم کوکر)

“مني مواليءَ جو ڪالم ۽ گڏيل چٽاڀيٽي امتحان ۾ عمر جي آخري حد” (محمد ابراهيم کوکر)

 

          مني مواليءَ لاءِ اڄ پريشانيءَ جي انتها آهي. سندس پيارو دوست جائو جواري جيڪو عمر جون 29 بهارون سٽي ۾ گذاري زندگي جا مزا وٺي چڪو آهي، اڄ سندس مٿان صفا ڇتو لڳو پيو آهي. چئي هن دفعي جڏهن مان سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ قسمت جو وڏو سٽو کيڏڻ لاءِ تيار ٿيو آهيان ته حڪومت ڄڻ منهنجي لاءِ سڀ دڳ بند ڪري ڇڏيا آهن. هي ڀلا ڪٿان جو انصاف آهي ته پنجن سالن کان پوءِ قسمت جي ديوي وانگر درشن ڪرائيندڙ گڏيل چٽاڀيٽي واري ڪميشن جي عمر جي آخري حد 28 سال رکي وئي آهي.

          مني موالي لاءِ به هي خبر معمولي ناهي. جنهن صوبي ۾ بي روزگاري جو راڪاس وڻ ويڙهيءَ وانگر وڌندو هجي ۽ جتي مقابلي جا امتحان ليپ ايئر وانگر چئن سالن کان پوءِ اچن، اتي وري اهڙو ڏکيو ۽ عجيب عمر جو شرط هڻڻ شهيدن سان مذاق ڪرڻ برابر آهي. ابا اگر وفاقي چٽاڀيٽيءَ جي امتحان جي عمر جي آخري حد 28 سال آهي ته پوءِ ساڳي امتحان وانگر هتي به ته هر سال هن امتحان جو درشن نصيب ٿيڻ گهرجي ۽ هل بابل عمر جي وري 35 سالن تائين جي رعايت لاءِ وري 4 سالن جي سرڪاري ملازمت جي شرط جو فارمولو به ڪجھ نئون ٿو لڳي. وفاقي امتحان ۾ ته اهو شرط ٻه سال ملازمت ۽ 30 سالن تائين رعايت تي ٻڌل آهي.

          هاڻي ڀلا جائو جواري جو مثال وٺون ته آخري دفعو هي امتحان 2008ع ۾ آيو هو ۽ جائو جواري ان وقت چار ساله B.S جو امتحان ڏئي مس واندو ٿيو هو. 24 سالن جي ڪچڙي عمر ۾ هن امتحان ۾ ويهڻ جو اهل ته تڏهن ٿئي ها جڏهن اسان جون سدوريون يونيورسٽيون وقت سر نتيجا ڏين. ان موقعي وڃائڻ کان پوءِ جائو جواري جو ڪم صرف جوا کيڏڻ ۽ ڪتاب پڙهڻ ئي رهيو آهي. اڄ جڏهن کيس پنهنجي صلاحيتن جو ڀرپور فائدو ملڻ جو موقعو آيو آهي ته سندس عمر 2013ع ۾ 29 سال ٿي چڪي آهي. اڄ سندس موڊ صفا ڊانواڊول لڳو پيو آهي.

          مني موالي اهڙي منجهائيندڙ ۽ حوصلا شڪن حالات ۾ وس وارن خاص طور تي وزير اعليٰ سنڌ ۽ چيف سيڪريٽري سنڌ کي اپيل ڪئي آهي ته هو ان ڏس ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن هيڏي وڏي امتحان لاءِ عمر جي حد 35 سال مقرر ڪئي وڃي ۽ سرڪاري ملازمن لاءِ چاليھ سال هجڻ کپي. ان ڏس ۾ سنڌ سرڪار طرفان گذريل سال هڪ نوٽيفيڪيشن جاري ڪيو ويو هو جنهن موجب صوبي اندر تمام ملازمتن لاءِ عمر ۾ 15 سالن جي رعايت ڏنل هئي. ان نوٽيفيڪيشن جو مدو هن سال جُون ۾ پورو ٿيڻو آهي. اگر ساڳئي نوٽيفيڪيشن کي صرف هڪ سال لاءِ وري وڌايو وڃي ته جائو جواري سميت ڪيترن ئي بيروزگار نوجوانن جو ڀلو ٿي پوندو. هونئن به جڏهن ڳالھ چٽاڀيٽي ۽ مقابلي جي هجي ته پابنديون ڇا جون؟ ان کان علاوه هڪ ٻيو عرض ته هن امتحان کي باقي ٻين صوبن وانگر سنڌ ۾ به باقاعده پابندي سان منعقد ڪيو وڃي ته جيئن نوجوانن اندر ڦهليل بي چيني ۽ بي يقيني جي ڪيفيت کي ختم ڪري سگهجي. پنجاب ۽ ٻين صوبن ۾ ته اهڙن آفيسرن لاءِ PMS جي نالي تي هڪ نئون ۽ بهتر ڪيڊر تشڪيل ڏنو ويو آهي. سنڌ ۾ ساڳي ڪيڊر جو فائل گذريل پنجن سالن کان وزير اعليٰ سنڌ وٽ پيل آهي. اگر هن دفعي سائين بادشاھ پنهنجي نظر ڪرم ڪري ته سنڌ ۾ PMS متعارف ڪرائي سگهجي ٿو. سنڌ جي بيوروڪريسي ۾ سندس نالو سنهري لفظن سان لکيو ويندو ۽ سنڌي عوام کي به شايد بهترين آفيسرن جو ديدار نصيب ٿئي.

 

 

 

Muhammad Ibrahim Khokhar

Advertisements

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s

%d bloggers like this: