زندگي زهر تو بنا سائين

 

زندگي زهر تو بنا سائين

بندگي بي اثر تو بنا سائين

 

تو بن ڪهڙي چاهت پنهنجي

اڌورو اندر تو بنا سائين

 

جيئن ڪهڙو مقصد  منهنجو

ويران گهر تو بنا سائين

 

تون جي راضي ناهين راڻا

دل هي اڱر تو بنا سائين

 

سمجهه ساڃهه ڪا سوچ ڪانهي

پاڻ بي خبر تو بنا سائين

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

شام اداس تون ۽ مان

 

شام اداس تون ۽ مان

خالي آڪاس تون ۽ مان

 

لائبرري جي خالي ڪنڊ ،                                      

ڪتاب شناس تون ۽ مان.

 

اکين جا لڪيل اشارا ،

موقعا خاص تون ۽ مان .

 

نظري ڪجهه ٻيو ڪينڪي،

ايڏا بد حواس تون ۽ مان.

 

ڳوٺ جا پنڌ اڻانگا ،

بک ۽ تاس تون ۽ مان.

 

 

 

 

 

 

 

روزڪري سينگار اچين ٿي.

 

روزڪري سينگار اچين ٿي.

کولي پنهنجا وار اچين ٿي .

 

هر ادا تي سڀ عاشق آهيون،

سونهن جي سردار اچين ٿي.

 

تنهنجي ديدار جا سڀ ديوانا،

اکين ۾ تون بار بار اچين ٿي.

 

سهيلين سان سٿ ۾ گهمندي،

ڪونجن جي ڄڻ قطار اچين ٿي.

 

بخاري جي بيتن وانگي،

خيالن جي ڪا اڏار اچين ٿي.

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

ايئين کلي ڳالهائيندي نه ڪر.

 

ايئين کلي ڳالهائيندي نه ڪر.

سڄي دنيا جلائيندي نه ڪر،.

 

هڪ مرڪ ئي مست ٿي ڪري ،

هٿ ۾ هٿ ملائيندي نه ڪر.

 

نظر نه لڳي پوئي ڪٿي ڪائي ،

اکين ۾ ڪاجل لڳائيندي نه ڪر.

 

تون ته صفا بي چئي آن،

لالي لبن تي لائيندي نه ڪر.

 

ڪو ڪسجي نه پئي ايڏي حسن تي،

رئي ۾ اجرڪ پائيندي نه ڪر.

حسن اوهانجو امرت اسان لاء،

سڀن  جي سامهون ڀائيندي نه ڪر.

 

 

 

 

 

 

 

 

 

ڪئمپس اداس آ ، هو آئي نه آ.

ڪئمپس اداس آ ، هو آئي نه آ.

اڌورو ڪلاس آ، هو آئي نه آ.

 

گلڙن آهي هاڻي ته کلڻ ڇڏيو،

خوشبو نه واس آ ، هو آئي نه آ.

 

ڏينهن ڏٺي جو گهر موٽندي،

خوف ۽ حراس آ، هو آئي نه آ.

 

آخر تائين رهيو ڪو انتظار ۾،

اڌوري آس آ، هو آئي نه آ.

 

ڪنهن ٿي ساريو هر هر هن کي،

موقعو خاص آ، هو آئي نه آ.

 

سونهن سلامت رهي هميشه ،

عشق کي شاباس آ، هو آئي نه آ.

 

زندگي جو امتحان اڻائون آ،

ٿيڻو به پاس آ، هو آئي نه آ.

          

 

 

 

 

 

چهري تي نقاب عجيب لڳي ٿو.

 

چهري تي نقاب عجيب لڳي ٿو.

ادب ۾ حساب عجيب لڳي ٿو.

 

نظرون جي قاتل سي آزاد آهن،

مصنوعي حجاب عجيب لڳي ٿو.

 

لطيف يونيورسٽي جرڪي پئي آ،

وڇوڙي جو خواب عجيب لڳي ٿو.

 

تون جي ناهين ڪلاس ۾ته،

هر ناول جو باب عجيب لڳي ٿو.

 

انسانيت جو اگر قدر ناهي ڪو،

ملي جو ڏوهه ثواب عجيب لڳي ٿو.

 

عظمتن جا الڳ پئمانا ٿي پيا،

ڀوتار کي عالي جناب عجيب لڳي ٿو.

 

 

 

 

 

 

 

 

 

ايڪتا جو ڏينهن آيو

سنڌ سموري جرڪي پئي آ،ايڪتا جو ڏينهن آيو.

هر مارئي اڄ مرڪي پئي آ، ايڪتا جو ڏينهن آيو.

 

صدين جي تهذيب جا رکوالا جاڳي پيا آهن،

ڀٽائي جي ڀونء نکري پئي آ،ايڪتا جو ڏينهن آيو.

 

جهالت جي پاڙ پٽڻ جو عظم کڻي سڀ گڏ ٿيا هن،

دشمن جي چال وکري پئي آ، ايڪتا جو ڏينهن آيو.

 

اجرڪ ٽوپي سر تي سجائي، سڀ سهڻا لڳن ٿا،

هن جي سونهن به اسري پئي آ، ايڪتا جو ڏينهن آيو.

 

هنن جي همت هماليه وانگي ، محبتن جا دائي سڀ،
ڪوڙ جي دل جهري پئي آ، ايڪتا جو ڏينهن آيو.

 

دنيا ۾ پنهنجو مقام ماڻڻ لاء ، نوان وچن کڻي،

هر ڀيڻ ڀاء سان نڪري پئي آ، ايڪتا جو ڏينهن آيو.

 

هي خوشيون سدا قائم رهن ۽ هميشه لاء جيئي سنڌ،

ابراهيم جي دل ٺري پئي آ، ايڪتا جو ڏينهن آيو.

 

 

 

 

 

 

 

سالن کا سڪايل آهيان آباد ڪري وڃ.

 

سالن کا سڪايل آهيان آباد ڪري وڃ.

ويران دل کي ملي مٺي شاد ڪري وڃ.

 

تون بن جيون جهنم جهڙو ڪو سڪون ناهي،

ڪا گهڙي اچي هن سائل کي آزاد ڪري وڃ.

 

زندگي پيڙاء ۽ دردن جو داستان ٿي وئي آ،

ٻيو نه ته ڀلا رهيو سهيو به برباد ڪري وڃ.

 

تهنجي سهاري ساٿ زندگي سان نڀايون ٿا،

ڀلجي ڪڏهن تون به اسان کي ياد ڪري وڃ.

 

اڪيلائي جي عذاب کان ڀلو هو جهيڙو ،

پرچين نه ٿي ته ڪو نئون تضاد ڪري وڃ.

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

ڏس جانان ڪيڏا مجبور آهيون.

 

جيڏو ويجها ايڏا ڏور آهيون،

ڏس جانان ڪيڏا مجبور آهيون.

 

روز ملي به ملي نٿا سگهون،

ٽهڪن ۾ به کلي نٿا سگهون،

انهن زخمن سان چور آهيون.

 

دنيا جو ڪيڏو خيال ڪيون ٿا،

هڪ ٻئي سان نه ڪو حال ڪيون ٿا،

ٻاهر خوش اندران سور آهيون.

 

پيار لڪائي ڏوهه ڪيون ٿا،

ڪيڏو دنيا سان ڊوهه ڪيون ٿا،

دنياداري سان ڀرپور آهيون.

 

اچ ته گڏجي ڪا اڏار ڪيون،

جدائي جي  هي ندي پار ڪيون،

ڇو دنيا لاء ٿيا معزور آهيون.

Advertisements

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s

%d bloggers like this: