Home » Uncategorized » Aibtech Kandiaro Cultural Day report in Sindhi

Aibtech Kandiaro Cultural Day report in Sindhi

اڪرم انسٽيٽيوٽ آف بزنس اينڊ ٽيڪنالوجي AIBTech ڪنڊيارو ۾ٿيل ثقافتي تقريب

محمد ابراهيم/ڪنڊيارو

 

ايڪتا ۽ ثقافت جو ڏينهن سنڌي قوم لاءِ عيد جيان خوشيون آڻڻ سان گڏوگڏ سنڌين لاءِ ثقافتي رنگ وکيرڻ جو سبب بڻيو آهي، هزارن سالن جي ثقافت جا وارث سنڌي جڏهن ٽوپي اجرڪ پهري سڀ ويڇا وساري ايڪتا جي جشن ۾گڏ ٿين ٿا ته هر سنڌيءَ جي چهري تي مسڪراهٽ سجي وڃي ٿي. ايڪتا ۽ ثقافتي ڏينهن سنڌين جي لاءِ ايران جي جشن نورور کان گهٽ ناهي. ڊسمبر جي سرد راتين ۾ به رات دير تائين ايڪتا جا سُر وکيرڻ ان ڳالهه جي علامت آهي ته سنڌي قوم هڪ زندهه دل ۽ ثقافت پسند قوم آهي، سنڌين کي سنڌي هجڻ تي فخر آهي ۽ ٽوپي اجرڪ سان محبت سندن ايمان جو حصو آهي. ايڪتا ۽ ثقافت جي اهڙن انڊلٺي رنگن سان سجايل هڪ پروقار ۽ شاندار تقريب ڪنڊيارو شهر ۾قائم AIBTech اڪرم انسٽيٽيوٽ آف برنس اينڊ ٽيڪنالوجي ۾منعقد ڪئي وئي. جنهن ۾اداري جي استادن، شاگردن، شاگردياڻين، صحافين، معززمهمانن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.جڏهن ته خصوصي طورتي نعيم قائمخاني، نوجوان اديب، ڏاهو، ليکڪ وفا شر طاهري، علي حسن قائمخاني، شاهنوازمڱريو، آدم چنڙ ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

تقريب جي باقائده شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ سنڌي ٽوپي اجرڪ ۾ سهڻن گلن جهڙن ٻارڙن مختلف ٽيبلوز ۽ سنڌي لوڪ گيتن تي پرفارم ڪري ماحول کي گرمائي ڇڏيو. جيڪو ٻارن جي جوش وخروش ”جيئي سنڌ“ جي فلڪ شگاف نعرن سان ظاهر پئي ٿيو. جڏهن ته ٻارن پنهنجي ساٿين جي به ڀرپور حوصله افزائي پئي ڪئي ۽ کين ڀرپور داد پئي ڏنو.

ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ ناهي ته اسان جا ٻار صلاحيتن سان ڀرپور نموني مالامال آهن. ايڪتا ۽ ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان شاگردن جون ڪيل فن خطابت ۽ سنڌي قوم سان محبت جو بهترين نمونو هيون. نائين ڪلاس جي شاگرد انصارسومرو پنهنجي جذباتي خيالن سان داد وصول ڪيو ته آصف نانگراج  وري ڏاڍي پياري انداز سان ڪيواس تي ثقافتي رنگ چٽيا. سميع الله کوسو پڻ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو. ۽ سنڌ جي 5 هزار سالن جي شاندار ۽ زندهه دل تهذيب تي روشني وڌي، تقريرن کان علاوه  شاگردن مختلف ٽيبلوز تي پڻ پرفارم ڪيو. جن ۾”سنڌ منهنجي امان“۽ ”جيئي سنڌ جيئي سنڌ وارا جيئن“ تي پرفارم ڪندڙ ٻارڙن ڀرپور نموني داد وصول ڪيو.

ان موقعي تي ڳالهائيندي انڊس اسڪول جي پرنسپال رضوان ملاح ٻارن ٻارن جي صلاحيتن کي ڀرپور نموني ساراهيو ۽ سنڌي ثقافت جي مختلف پهلوئن تي روشني وڌي، سائين ڪريم بخش عباسي شاگردن تي زور ڀريوته اڄوڪي ڏينهن جو پيغام آهي ته سنڌي شاگرد تعليمي ميدان ۾ پاڻ ملهائين، سنڌي قوم جي وڃايل وقار کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏين. اداري جي ڊائريڪٽر سائين محمد اڪرم چانڊئي ٻارن کي ثقافتي تقريب ۾شاندار پرفارم ڪرڻ تي واڌايون پيش ڪيون، مبارڪباد ڏيندي محمداڪرم چانڊيو چيو ته سنڌي ٻار سنڌي ثقافت ۽ تهذيب جا عملدار ۽ محافظ آهن، سندن بيداري ۽ سجاڳي ان  ڳالهه جي علامت آهي ته سنڌي قوم ۽ ان جا ٻار باشعور ۽ باهمت آهن. جن جي سنڌ سان محبت لازوال ۽ امر داستان آهي.

تقريب جي خاص مهمان ۽ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي استاد،نوجوان ڏاهي ۽ اديب سائين محمد ابراهيم کوکر پنهنجي جامع پيغام ۾سنڌ سان غير مشروط محبت ۽ سچو پڪو سنڌي هجڻ تي زور ڏنو.سائين ايڪتا ۽ ثقافتي ڏينهن ملهائڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته سنڌي قوم کي ايڪتا جو وچن هر ڏينهن هر گهڙي نڀائڻو پوندو. جيڪڏهن جهالت، قبائلي جهيڙا جهڳڙا، ”ڪارو ڪاري“ ۽ خوني تڪرار ختم نه ٿا ٿين ته هن ثقافتي حسن جو رنگ بي اثر ٿي ويندو ۽ هي خوشيون صرف ٺينگ ٽپا ثابت ٿيندا، سائين محمد ابراهيم جو وڌيڪ چوڻ هو ته صرف ٽوپي اجرڪ پائڻ سان ڪير سنڌي نه ٿو ٿي سگهي. سنڌي ٿيڻ لاءِ سنڌ ڌرتي  ۽ سنڌ واسين ۽ سنڌ جي ثقافت سان بي لوث محبت سان گڏوگڏ ضروري آهي ته اسان جي عملي زندگي ۾سنڌ لاءِ جدوجهد جو عنصر نمايان هئڻ گهرجي. هن چيو ته سنڌي ازل کان شريف، امن پسند ۽ رواداري جا امين رهيا آهن. قومن جي تاريخ ۾سنڌي واحد قوم آهي جن ڪڏهن به ٻين قومن تي يلغار ڪري لٽ مار نه ڪئي آهي. سنڌين هميشه پاڻ تي ٿيندڙ اطيچار ۽ ظلمن جو منهن تي مرڪ سجائي مقابلو ڪيوآهي ۽ هميشه سرخرو ٿيندا رهيا آهن، سنڌين کي شاهه لطيف جهڙو استاد، ”شاهه جي رسالي“ جهڙو آئين مليل آهي. سنڌي اگر پنهنجي استاد شاهه لطيف جي تعليمات تي عمل ڪن ته يقينن سرخرو ٿيندا.

اداري جي پرنسپل سائين محمد عاشق عباسي تقريب ۾آيل سمورن مهمانن ۽ دوستن جو شڪريو ادا ڪيو، جڏهن ته مس ايڇ ڪي راڄپر، علي رضا، وفاشرطاهري ۽ ٻين پڻ تقريرون ڪيون. نظامت جا فرائض سائين رستم مڱريو ۽ نوجوان فهد شاهه ادا ڪيا، نوجوان نصير کوکر جي مزاحيه خبرن مسڪراهٽون وکيري ڇڏيون، جڏهن ته نصير کوکر پنهنجي منفرد آواز جو جادو جڳائي مختلف سنڌي لوڪ گيت ڳائي خوب داد وصول ڪيو. جڏهن ته شاگردن پاران پڙهيل شيخ اياز ۽ استاد بخاري جي واين ۽ غزلن ماحول کي چارچنڊ لڳائي ڇڏيا. ثقافتي انڊلٺ سان سينگاريل هن خوبصورت رنگا رنگ تقريب جي پڄاڻي سنڌ جي مشهور ثقافتي ”هو جمالو، هوجمالو“ سان ٿي، جنهن ۾سمورن شرڪت ڪندڙن شريڪ ٿي پنهنجي سنڌي هئڻ جو ثبوت ڏنو، دعا آهي ته سنڌي ثقافت ۽ سنڌ سان محبت جا هي ميڙاڪاسدا قائم رهن. محمد ابراهيم/ ڪنڊيارو

Advertisements

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s

%d bloggers like this: