Home » Uncategorized » هوءَ جو ڪلاس ۾ مرڪي پئي آ

هوءَ جو ڪلاس ۾ مرڪي پئي آ

هوءَ جو ڪلاس ۾ مرڪي پئي آ

انگريزي شعبي جي قسمت جرڪي پئي آ

هن جي کلڻ جو هڳاءُ اهڙو

شيڪسپيئر جي لفظن جي سٽاءَ جهڙو

ڳالهائڻ ۾ رواني اهڙي رکي ٿي

ڪِيٽس جي شاعري پڙهي ٿي

هن کي اگر لان تي ويٺل ڏسي ها

ڪالرج قبلا خان پورو لکي ها

هوءَ جي ڪلاس ۾ ٿي سوال ڪري

پئراڊائز لاسٽ وانگي ٿي ڪمال ڪري

اکين ۾ گهرائي اهڙي اٿس

وٽمئن جي شاعري جهڙي اٿس

هيمليٽ به جي هن کي ڏسي ها

اوفيليا ڇڏي سچ ۾ چريو ٿئي ها

ميريم وانگي معصوم آهي

جان ڊن جي شاعريءَ جو مفهوم آهي

شاگرد هن کي جو ڏسن ٿا

فئري ڪيئن اڌ  ۾ ڇڏين ٿا

استادن تي به هن جو اثر آ

ڪرٽيسزم جو ڏکيو نثر آ

ڪنڌ ڦيري جو وار سنواري ٿي

اليٽ جون تشريحون وساري ٿي

سمجھڻ ۾ به ڏاڍي ڏکي آ

ڪا پراڻي گريڪ ٽريجڊي آ

بس جو هو هڪ ڀيرو به مرڪي ڳالهائي

لنجائينس جي سبليسٽي جو مثال آهي

هو دلامنجا جي ڊلسينا آهي

بس پاڻ وٽ چڙهڻ لاءَ روزينيٽ ناهي

رومانٽڪ پوئٽريءَ ۾ ٿي رومانس ڪري

سرکي به سٺو ٿي ريسپانس ڪري

ڪلاسيڪل ۾ پاڻ ڪلاسڪ آهي

هر شاگرد هن تي عاشق آهي.

ڊرامه ۾ گر ڪو سوال پڇي ٿي

هن ڏي ڏسي ته سرکي جواب اچي ٿو

ٿي امئيجينيشن سين جو وڌائي ڇڏي

استادن کي به شاعري سيکاري ڇڏي

بس هوءَ هميشه ائين کلندي رهي

انگريزي شعبي جي عزت وڌندي رهي

Advertisements

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s

%d bloggers like this: