Home » Uncategorized » ائين جيئري نه مونکي مار سڄڻ

ائين جيئري نه مونکي مار سڄڻ

ائين جيئري نه مونکي مار سڄڻ

ڪڏهن ڪڏهن لهه سار سڄڻ

هڪ جيون جا مسئلا هزار آهن

ٻيو تنهنجا رساما ڌار آهن

ايئن روز نوان نه ڪر وار سڄڻ

تنهنجي جدائي ٿي من کي ماري

دل تنهنجي ياد هر وقت ساري

گڏجي گھاريون گھڙيون چار سڄڻ

تو بن جيون ڪهڙو گھاريان

تارا تڪيندي ٿو رات گذاريان

درد جو درياه وهي ٿو تار سڄڻ

ڇڏ ڪاوڙ هاڻي ته پرچي پئو

ڪا رات اسان وٽ ترسي پئو

جيئن سانوڻ ۾ ٿئي بهار سڄڻ

تون مرڪين ته غم دور ٿين

سڀ ختم ٿا پنهنجا سور ٿين

هڪ ڀيرو پيار سان نهار سڄڻ

Advertisements

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s

%d bloggers like this: