Home » Uncategorized » چڱو يار موڪلاڻي آ

چڱو يار موڪلاڻي آ

چڱو يار موڪلاڻي آ

سيمسٽر جي پڄاڻي آ

ڏاڍو سٺو وقت گذاريو سين

هر ميدان هتي ماريو سين

پل پل ڪنهن کي ساريو سين

ڏاڍو کليو ۽ روئاريو سين

ڪافي جھڳڙن کي به ٽاريو سين

ڏاڍي دلچسپ ڪهاڻي آ

حامي هاسٽل جون ڳالهيون

ميرواه ڪپ جون ٽالهيون

مخالفن جون سڀ چاليون

ڪينٽين جون اڌڙ پياليون

ڪنهن جي لبن جون لاليون

هر ڳاله سدا سارڻي آ

قاضي حال ۾ گڏجڻ پنهنجو

ڪوجھي حال وٽ بيهڻ پنهنجو

افيئرس وٽ روز سڏجڻ پنهنجو

ايس ايس سي تي پاڻ ويهڻ پنهنجو

هر ڳاله ڄڻ ٻاراڻي آ

ڊپارٽمينٽ ڀلا ڪيئن وساربو

فائنل وارن تي رنگ ڪيئن هاربو

ڪينٽين تي قبضو ڪيئن واربو

ڀوڳن ۾ ڀلا ڪيئن روئاربو

آه هر شيءِ هيءَ وسارڻي آ

سيمسٽر ۾ پنهنجي تياري

جاڳڻ سڄي سڄي رات ساري

ڪلارڪن سان روز مٿي ماري

رزلٽ جي الڳ سان خواري

۽ اپسرا پنهنجي ڪلاس واري

واءِ واز ۾ جند ڇڏائڻي آ

اڃان هن سان به ملڻو آ

ڪجھ خاص هن کي چوڻو آ

هن جو به ڪجھ ٻڌڻو آ

هي وقت وري نه اچڻو آ

مقدر پنهنجو سنورڻو آ

ڪيڏي نه هوءَ نماڻي آ

بس يار صفا نه وسارجو

ڪڏنهن ڪڏنهن ته سارجو

ڏاڍو سٺو وقت گزارجو

علم جي لاٽ پيا ٻارجو

۽ جيئي سنڌ سدا اچارجو

الوداءِ جو وقت هاڻي آ

Advertisements

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s

%d bloggers like this: