Home » Uncategorized » کجين جي ديس جي پريم ڪهاڻي

کجين جي ديس جي پريم ڪهاڻي

کجين جي ديس جي پريم ڪهاڻي آ

هوءَ لطيف ورسٽيءَ جي شاگردياڻي آ

هن جو پوائنٽ کان ڊپارٽمينٽ اچڻ

ڪينٽين تي سهيلين سان ويهڻ

سر کان روز کلي نوان سوال پڇڻ

هن جي هر ادا قاتل ۽ شاهاڻي آ

وارن کي جو هٿ سان ٺاهي ٿي

ڪيترا نوان بت روز ڊاهي ٿي

هر ڪو سمجهي مون کي چاهي ٿي

ڏاڍي سهڻي ۽ ڏاڍي سياڻي آ

جٿان جٿان ٿي هوءَ لنگهي وڃي

چڱو ڀلو ٿو ڏسي منجھي وڃي

هر ڪو هڳاءَ ۾ ٿو رنگجي وڃي

بس ڊپارٽمينٽ سڄي جي راڻي آ

هوءَ به ته ڪنهن کي چاهي ٿي

جنهن کي ڏسڻ سان شرمائي ٿي

هن سواءِ سڀني سان ڳالهائي ٿي

هي ڪٿا فرسٽ ييئر کان پراڻي آ

هن سان هرڪو اظهار لاءِ آتو

پر هن جو من هن لاءِ ماندو

ٻنهي سندو آ نينهن جو ناتو

هڪڙو سڏ ته ٻيو ان جي وراڻي آ

الله ٻنهي سندو خير ڪري

ٻيئي نه ٿين هڪ ٻئي کان پري

ٻنهي لاءِ وصل جو واءُ وري

هن سيمسٽر ۾ سندن موڪلاڻي آ

Advertisements

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s

%d bloggers like this: