Home » Uncategorized » ڳاڙهي وڳي ۾

ڳاڙهي وڳي ۾

ڳاڙهي  وڳي ۾

ڳلي ۾ رئو وجھي

وارن جون چڳون کولي

جو لطيف ورسٽي جي پٽن تي گهمين ٿي

ته ڪيمپس جي حسن ۾

ڄڻ ته چار چنڊ لڳن ٿا.

دلين جا ماريل شاگرد

تهنجي حسن جو جلوو پسي

ڪنهن نئين يقين سان جيئن ٿا.

استادن جا پڙهايل ڏکيا سبق

جيڪي ڪنهن وزن کان گهٽ ناهن

تنهجا جلوا ڏسي وڻڻ لڳن ٿا.

زندگي بيزار ماڻهن کي

زندگي جي حسن تي يقين اچي ٿو

۽ ٿڪل ذهنن کي سڪون ملي ٿو.

۽ جڏهن ڪنهن ڳالهه تي

تنهجا زندگي بخش ٽهڪ ٻڌڻ ۾ اچن

ته زندگي گزارڻ جو جذبو جنم وتي ٿو.

جهد جي ٿڪايل جنم کي

ھڪ نئون اتساھ ملي ٿو.

شاعرن کي شاعرئ جو عنوان

۽ فلسفين کي نئون فلسفو ملي ٿو.

سائنس پريشان ٿي پوي ٿي

ته ڪشش صقل ته آهي

هي ڪهڙي ڇڪ آهي

جيڪا سوين دلين کي موهي ٿي

۽ بغير ڪنهن ڪيميڪل جي

زندگي جي عمل کي تيز ڪري ٿي.

اي اپسرائن جي حسينا!!!

تنهجي ھر ادا ۾ قدرت جو ھڪ راز سمايل آھي

تون اھو انمول شاھڪار آهين

جنهن ھومر کي جلا بخشي

جنهن ڪاليداس کي دان ڏنو

۽ شيڪسپيئر کي مان ڏنو.

تون لطيف جي سٽن ۾ زندھ

۽ اياز جي حسن جي وضاحت آھين.

بخاري تو کان شاعرئ جو روح ورتو

اي ديوي!!!

اسان تي به رحم ڪر

۽ پنهجي ذات جي ڏات مان

اسان کي به امرت پيار.

ھن ڪچن ۽ فڏن لفظن کي

جلا بخش ۽ پنهجي

حسناڪين مان ونڊ عطا ڪر

ته جيئن منهجا لفظ جي پون

۽ تنهجي حسن جا محافظ ٿي پون.

Advertisements

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s

%d bloggers like this: