Home » Uncategorized » Sindhi Poetry

Sindhi Poetry

ڏکي پر زندگي گزري ويندي

توکان ياد اسان جي وسري ويندي

ماڻهون ته دنيا به سنڀالي ٿا رکن

اسان کان هي دولت وکري ويندي

تنهنجي ياد سهاري جيئون پيا

پنهجو پاڻ ماري جيئون پيا

جيئڻ لاءِ هاڻي بچيوئي ڇا آهي

تنهجي واٽ نهاري جيئون پيا

هو نازن جي پليل راڻي

مان ٻهراڙي جو ڪورو ماڻهون

هن جي اُڏار بلند فضائن ۾

مان هيٺ ڌرتي جو ميرو ماڻهون

هُن کي چاهن جڳ جا راڻا

مان پنهنجن ۾ به غيرو ماڻهون

هو حُسن پنهنجي تي مغرور آهي

مان سادگي سان ڀرپور آهيان

هو دلين تي ٿي راڄ ڪري

مان نوڙت ۾ مجبور آهيان

هر ڪو هُن کي ماڻڻ لاءِ آتو

مان بس ديدار ۾ محسور آهيان

هُن جي هر ادا شاهاڻي

مان جيئڻ جي قرض ۾ چور آهيان

ٽرين جو سفر ، هوءَ ۽ مان

رات جو پهر، هوءَ ۽ مان

هُن جي مک تي شرارتي مرڪ

هُن جو عجب سحر، هوءَ ۽ مان

خاموشيءَ ۾ به دل جي ڳالهه

اکين جو اثر، هوءَ ۽ مان

انڌيري رات ۽ دليون روشن

ادب جو اثر، هوءَ ۽ مان

وقت جو احساس ئي نه رهيو

ڪراچي جو شهر، هوءَ ۽ مان

ڪنوارن جذبن جون ڳالهيون

جوان جسمن جون ڳالهيون

زيرو بلب ۽ هلڪي موسيقي

هلڪن سهڪن جون ڳالهيون

بي ترتيب انگ ۽ مڌُر مستي

هلڪن ٽهڪن جون ڳالهيون

سفيد چادر ۽ جيون جل

تخليقي امنگن جون ڳالهيون

Advertisements

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s

%d bloggers like this: