Home » Uncategorized » پرائمري استاد جي درد جو داستان ۽ سنڌي شعور کان سوال..!!؟؟

پرائمري استاد جي درد جو داستان ۽ سنڌي شعور کان سوال..!!؟؟

 

جڏهن اڃا عالمي ادب تي جڳ مشهور ڏاهي ڪارل مارڪس جي فلسفي جو اثر نه ٿيو هيو، ان وقت تائين دنيا جي ادب ۾ ٽريجڊي جي مکيه ڪردار لاءِ يوناني ڏاهي ارسطو جي ڏنل وضاحت ٽريجڊي جو هيرو يا مک ڪردار ڪنهن اعليٰ خاندان سان واسطو رکندڙ يا ڪو شاهي ماڻهو هجي تي عمل ٿيندو هيو. يوناني ٽريجڊي کان ويندي شيڪسپيئر تائين هر ليکڪ ارسطوءَ جي ڏنل اصولن تي عمل ڪندي پنهنجا ٽريجڊي جا ڪردار سرجيا.

پوءِ 19صدي جي عمومًا حالتن جي ڪري ۽ مارڪس جي پرچار ڪري خاص طور تي دنيا جي ادب ۾ هڪ نئون لاڙو آيو ته روز مره جا عام ڪردار يعني هڪ سپاهي، هڪ دڪاندار، هڪ استاد يا ڪو مزدور به ٽريجڊي جو مک ڪردار ٿي سگهي ٿو. هي لاڙو خاص طور تي روسي ادب ۾ ڏاڍو مقبول ٿيو ۽ پوءِ انگريزي ادب ۾ به برنارڊ ستا، هارڊي، ابسن ۽ ٻين چوٽيءَ جي لکارين هن لاڙي کي اپنايو.

سنڌي ادب جو ڳاڻيٽو به دنيا جي مڃيل ادبن ۾ ٿئي ٿو ۽ سنڌي ادب ۾ اها جدت آهي ته ان دنيا جي ادبي لاڙن کي هميشه پنهنجي اندر جاءِ ڏني آهي. امر جليل جي اڪيلي ناول ”نيٺ گونگي ڳالهايو“ کان ويندي اياز، تاجل ۽ بخاري جي شاعري ۾ مسڪين ماروئڙن، جهانگيئڙن، مزدورن جو ذڪر ان ڳالهه جو گواهه آهي ته سنڌي ادب ۾ هيٺين طبقي جي ماڻهن لاءِ ڪيڏي وسعت ۽ جڳهه آهي.

مان ڪو اديب يا ليکڪ ته نه آهيان پر جنهن واقعي جي طرف مان هن ڪالم ذريعي سنڌ جي ساڃاهه وند سوچ ۽ ادبي دوستن جو ڌيان ڇڪائڻ چاهيان ٿو اهو واقعو سنڌ جي نثري ۽ شاعري ادب ۾ ٽريجڊي لاءِ هڪ اهم پلاٽ جو سبب ٿي سگهي ٿو. اسان جي زندگين ۾ ميڊيا جو هڪ وڏو ڪردار رهيو آهي. ميڊيا جنهن معاملي کي جنهن طرف چاهي اڇالي ته اڇالي سگهي ٿي. اڄ اسان جنهن دور مان گذري رهيا آهيون اهو هڪ وڏي امتحان ۽ ڏکين حالتن جو دور آهي. هر طرف بم ڌماڪا، موتمار خودڪشن حملا ۽ دهشتگرديءَ جا واقعا اخبارن جي زينت بڻجن ٿا، جنهن ۾ روزانو انيڪ ماڻهن جي مرڻ جون خبرون اچن ٿيون. اسانجو دماغ ۽ سوچ هاڻ ان ڳالهه جا ايترا عادي ٿي چڪا آهن جو اسان ڪنهن هڪ ماڻهو جي مرڻ جي خبر جو نوٽيس به نه ٿا وٺون. اهڙي خطرناڪ دور ۾ اگر ڪنڊيارو جهڙي هڪ ننڍڙي شهر ۾ هڪ استاد جي مرڻ جي خبر اگر ڪنهن اخبار جي ڪنڊ پاسي ۾ ڇپي ته ڪا خاص هلچل يا ذي شعور روح کي ڌنڌوڙڻ جو سبب نه ٿي بنجي.

استاد عبدالسميع ولد عبدالرحمٰن ميمڻ ڪنڊيارو شهر ۾ هڪ پرائمري استاد هيو جيئن ته عبدالسميع هڪ استاد هيو ۽ اهو به پرائمري استاد ان ڪري شايد سندس ناگهاني موت تي نه ته ڪو مرثيو لکيو ويندو نه ئي ڪو ڪهاڻيڪار شايد سندس اڻوقتائتي موت تي ڪا ڪهاڻي سرجيندو. يا ڪو ڪالم نويس ڪو ڪالم لکندو. 45 سالن جي استاد سميع ميمڻ جو وڏي ۾ وڏو قصور اهو هيو ته هو صرف هڪ پرائمري استاد هيو جنهن پنهنجي قيمتي حياتي جا 23 سال سنڌي قوم جي معصوم شاگردن جي ذهني آبياري لاءِ وقف ڪري ڇڏيا هيا. سندس شاگرد اڄ به ڪيترن ئي چڱن عهدن تي پهچي قوم ۽ ملڪ جي خدمت ڪري رهيا آهن پر سوال پيدا ٿئي ٿو ته ڇا اهي پنهنجي استاد کي مرڻ کانپوءِ سندس جائز حق وٺرائي ڏئي سگهندا؟ سوال ته اهو به پيدا ٿئي ٿو ته استاد سميع جي معصوم ٻارڙن جي هاڻي ڪفالت ڪنهن جي ذميواري ٿيندي جيڪي هڪ طرف ته معاشي بدحالي جو شڪار آهن ٻئي طرف هنن معصومن جي مٿان سندن پيءُ جي نيڪ نيتي ۽ ڪردار تي لڳايل سوال سندن ذهني اوسر تي هميشه لاءِ ناڪاري اثر ڇڏيندا.

هڪ ذي شعور ماڻهو چڱي طرح سان سمجهي سگهي ٿو ته هڪ پرائمري استاد جنهن جي زندگي جو ڪل ڪمايو سندس پگهار هجي ۽ پگهار کان علاوه ٻيو ڪو ذريعه معاش نه هجي ته اهو شخص ڇهن مهينن کان مسلسل پگهار بند هئڻ ڪري ڪهڙي ڀوڳنا ۽ عذاب ۾ گذرندو هوندو.

منهنجي هڪ ليڪچرار دوست چواڻي ته پنجاهه هزاررپيه پگهار هئڻ باوجود سندس مهيني جي آخري ڏينهن ۾ گذران اوڌر تي ٿيندو آهي هڪ مهيني جي پگهار بند ٿيڻ معنيٰ زندگي جو رڪجي وڃڻ ٿيندو. ان صورتحال ۾ استاد سميع جيڪو هڪ پرائمري استاد ۽ پنهنجي خاندان جو اڪيلو ڪفيل هو ان هي ڇهه مهينا بغير پگهار جي ڪيئن گذاريا هوندا؟؟؟؟

ڊيوٽي جي پابند ۽ 1992ع ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيل استاد سميع جي زندگي ۾ ان وقت هيروشما جهڙو بم اچي ڪِريو، جڏهن جون مهيني ۾ نوشهروفيروز ضلعي جي 95 ڄڻن جي لسٽ پڌري ٿي جن تي غيرقانوني ڀرتي جو الزام لڳل هيو، سيڪريٽري تعليم جي حڪم مطابق انهن استادن جي پگهار هڪدم بند ڪئي وئي، استاد سميع لاءِ اهو حڪم ۽ سندس نالو ان لسٽ ۾ هجڻ ڪنهن عذاب کان گهٽ ڪو نه هيو، سندس لاءِ پريشاني جو سبب سندس جو نالو لسٽ ۾ هجڻ نه هيو. ڇو ته 92ع جي ڀرتي هجڻ ۽ 98ع ۾ هڪ انڪوائري ذريعي ڪليئر ٿيڻ باجود سندس جا ڪاغذ ۽ رڪارڊ ان ڳالهه لاءِ سندس هٿيار هئا ته دير يا سوير هي وري هن مشڪل گهڙي ۾ پار پوندو پر هڪ پرائمري استاد لاءِ سندس ٽوٽل ذريعه معاش يعني پگهار جو بند ٿيڻ هڪ عذاب کان گهٽ نه هيو. ڪافي ڀڄ ڊڪ کانپوءِ ضلعي جي اختيارين کي احساس ٿيو ته استاد سميع جو نالو غلطيءَ سان ان لسٽ ۾ اچي ويو هيو پر هاڻي ته دير ٿي چڪي هئي. ننڍن ٻارڙن جي ڪفالت، گهر جو ڪاروهنوار هلائڻ لاءِ استاد سميع کي آگسٽ جي مهيني ۾ گهر جو سامان وڪڻو پيو ۽ جڏهن سيپٽمبر ۾ هن پرائمري استاد پنهنجي گهر ۾ رکيل اڪيلي تفريح جي سامان ٽي وي (T.V) کي وڪڻيو ته سندس معصوم ٻارڙن جو رڙيون ۽ چيخون هٿوڙن وانگر مٿي ۾ لڳڻ لڳيون… معصوم ٻارڙن کي ڪهڙي خبر ته سندس والد جو درد ڇا آهي؟ ۽ سندن والد ڪهڙي درد جي ڀوڳنا ۾ گذاري رهيو آهي.

هڪ طرف حالتن جي شدت هن پرائمري استاد کي انڌيري جي ڌٻڻ ۾ ڌڪي رهي هئي ته ٻئي طرف ارباب اختيارات لاءِ هن مسئلي تي غور ڪرڻ لاءِ ڪو وقت نه هيو. نومبر مهيني ۾ هن خود دار استاد لاءِ فالج جو حملو ناگزير ٿي پيو جڏهن سندس گهر ۾ کائڻ لاءِ ڪجهه به نه بچيو ۽ ساٿي استادن گڏجي سڏجي چندو ڪري سندس گهر جي وساميل چلهه ٻارڻ لاءِ سندس مدد ڪئي. اهڙي خطرناڪ دور مان گذرڻ باوجود به تصديق ٿيل ذريعن موجب استاد سميع اسڪول ۾ حاضر ٿيندو هيو پر تعليم کاتي جي ارباب اختيان جي مٿي تي جونءِ به نه چري، هاڻي اگر اهي چون ته سندن کي استاد جي حالت جي باري ۾ ڪا خبر نه هئي ته ان کان وڌيڪ ٻيو ڪو ڪوڙ ٿي نه ٿو سگهي. ڊسمبر جو مهينو ۽ ڇهن مهينن کان بند پگهار، فالج جو هڪ ٻيو حملو استاد سميع جي برداشت کان ٻاهر هيو.

هي سٽون اگر ڪير تجربيڪار قلمڪار يا ڏات ڌڻي لکي ها ته يقينًا اوهان جي اکين ۾ ڳوڙهن جو سمنڊ تري اچي ها پر افسوس جو جهڙي طرح مان ۽ منهنجو قلم بيوس آهيون ته هڪ استاد جي تڪليف ڀرئي موت کي ان جي مان مطابق چٽي سگهون. ساڳي طرح بيوسي استاد سميع ۾ به اسان لاءِ ۽ سنڌ جي ساڃاهه وند شعور لاءِ هزارين سوال ڇڏي 22 ڊسمبر 2015ع جي هڪ ٿڌي صبح جو هميشه هميشه لاءِ اسان کي ڇڏي ويو. مزيدار ڳالهه ته 21 ڊسمبر جو به هي استاد پنهنجي ڊيوٽي تي حاضر هيو…..

استاد سميع جي ناگهاني موت تي اگر نظر وجهجي ته هي ظاهري طور تي قتل جو هڪ واضح ڪيس آهي. هن موت يا قتل جو ذميوار ڪير آهي؟ اهو ته سنڌ جو شعور ئي طئي ڪندو. ڇا استاد سميع کي انصاف ملي سگهندو؟ ۽ سندس ٻارن جي ڪفالت هاڻي ڪير ڪندو؟ ان کان علاوه ڪيترائي انيڪ سوال شعور کي جهنجهوڙن ٿا. ظاهري طور تي ڏٺو وڃي ته هڪ پرائمري استاد جو ناگهاني موت ڪا ايڏي وڏي خاص ڳالهه نه آهي جو سيڪريٽري تعليم ازخود نوٽيس وٺي.

معصوم بسمه جي موت کانپوءِ بلاول ڀٽو ته لياري پهچي سندس والد سان تعزيت ڪري افسوس جو اظهار ڪري ٿو ۽ ذميوارن خلاف سخت قدم کڻڻ جو واعدو به ڪري ٿو.

ڇا ساڳي طرح سيڪريٽري تعليم استاد سميع جي معصوم ٻارن تي شفقت جو هٿ رکندي ساڻن تعزيت ڪندو؟؟

ڇا استاد سميع جي ٻارن جي داد رسي ٿيندي؟ يا سنڌ جا پرائمري استاد پاڻ کي ننڌڻڪو سمجهي پگهار سان گڏ ڪنهن ٻئي ذريعي معاش جو بندوبست به ڪن.؟؟

اسين سمجهون ٿا ته سيڪريٽري تعليم جي استاد سميع سان ڪا به دشمني ڪا نه هئي نه ئي شايد ٻنهي ڪڏهن هڪ ٻئي کي ڏٺو به هيو، پر سيڪريٽري تعليم کي هاڻي ته اک کولڻ گهرجي ۽ هن واقعي جي مڪمل انڪوائري ڪري ذميوارن خلاف ايڪشن کنيو وڃي ته ڪيئن هڪ شريف استاد جو نالو غلطي سان هڪ لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو جيڪو ان جي موت جو ڪارڻ بڻيو..

قرآن پاڪ ۾ هڪ جاءِ تي ارشاد ٿيل آهي ته جڏهن الله هڪ قوم تي عذاب لاءِ فرشتن کي موڪليو ته فرشتن عرض ڪيو ته سائين هن ظالم قوم ۾ ڪجهه عبادت گذار ۽ تنهنجا مڃيندڙ ٻانها به موجود آهن انهن تي عذاب ڪيئن ڪيون؟ ته الله تعاليٰ جواب ڏنو ته جيئن ته اهي ظالم جي ظلم تي چپ (خاموش ٿي) ڪري ويٺا هيا ان ڪري اهي به عذاب جا مستحق آهن.

ان کان اڳ جو اسان سڀ ان عذاب جا مستحق ٿيون اچو ته گڏجي مرحوم استاد سميع ميمڻ جي موت خلاف گڏجي ڪو آواز اٿاريون .Email:mike_salu@yahoo.com

Advertisements

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s

%d bloggers like this: