The Future died..

He had tears in his eyes. In hospital room I couldn’t guess, either he was crying in physical pain or these were the tears of unfulfilled promises and due to sudden halting of a prosperous journey. We all friends had tears in our eyes as well. We were weeping for we couldn’t bear the pain of his helplessness. Can life be so cruel ? or is there no mercy in the heart of angel of death? But they say angels have no hearts. For if they had hearts even the angel of death could have wept that day. Jahanzeb was lying motionless in his bed and only the hospital ventilator indicated that he was still fighting against the merciless death. Death which is an inevitable reality of human life and no one could deny it but in case of Jahanzeb we all felt as if death was doing great injustice.

We had seen him first time at the campus when in tense academic environment his loud laughter could ease every one. His peaceful smile always made us enthusiastic for living. The toughest tasks could turn easy when Jahanzeb had taken them under his assignment.
Once I had asked him the secret of his smile. He told that his mother had taught him to smile in all conditions. Not only I but all his classfellows were inspired by him. Even the seniors respected him for his benevolence and magnanimity. He was courageous and brave. During political riots in the campus, it was he who had fought bravely with opponent group and had taken Asghar and Nadeem to hospital emergency. Though Asghar was his strong opponent and had insulted him in orientation ceremony. But for Jahanzeb humanity stood above every task. This incident had enhanced his respect and honour even among the faculty members.
Jahanzeb had penchant for machines and he wanted to contribute in automobile industry of the country. He had vision to introduce indigenous auto mobile industry for the country. I had once taunted him that this dream was far from reality but he silenced me by telling that once reaching moon was an impossible task for man. So according to him every great and far reaching destination could be achieved once pursued well with sincerity and commitment. He always looked for scholarships which he could win easily and then I learnt that his father was a peasant who had borrowed money on usury to afford his admission fees. Jahanzeb had never indulged himself in useless pursuits. His only love was with his ambition to achieve excellence in his field and work for his country.

Engineering universities in Pakistan have very little enrolment for female students and in mechanical engineering department hardly any girl seeks admission. But Zohra was an exception. Like her beauty her choice was rare as well. She had also love for machines and wanted to earn name in automobile industry. Her father was the landlord of the area and she lived like princess on campus. Owing to similarity in ambition both were very close to each other. The sprouts of young love were taking birth in their hearts but it took both of them three years to share their feelings. Most of time there talk was limited to academics and innovative technology. But both were aware that till they achieve their dream of success as auto mobile engineers, their union was far cry. The proud landlord could never afford the son of a pleasant to be his son in law, but a successful automobile engineer could win soft corner in his heart.
Zohra and Jahanzeb were the perfect match. Both were liberal, broadminded, zealous and had same choices. We friends were very happy for them. Owing to contacts of Zohra, Jahanzeb could achieve internships in Toyota and Land Rover companies during their second and third year of studies. They had strong competition in academics as well. For teachers, deciding their merit used to be problem. When Zohra could get one or two marks ahead of him, he used to tease her by saying that she had taken grace marks for her stunning beauty and she deserved it. This year, Jahanzeb did his internship in leading international automobile company at Islamabad. The campus was off owing to corona pandemic. All comrades had returned to their homes. Exams were scheduled to be held by next month. Everyone got busy in their studies.
And then we got schocking news that Jahanzeb had got ill and had been shifted to icu. Doctors had diagnosed it corona positive along with another rare disease. That disease is very uncommon and said to be found in one person among a million persons. It was rare disease for a rare hero.
I was helplessly watching the future of country sinking towards death. Zohra couldn’t believe my statement and lost her senses. Till she recover herself we have lost the future of automobile industry in Pakistan. Zohra lost her life’s only precious possession and his family lost the only hope of their better future.

پنهنجي ڊ پي(D.P) تان،

پنهنجي ڊ پي(D.P) تان،
سن واري سيد جي تصوير هٽائي ڇڏ.
ڇو ته جيئن ڪو به ڪاريڊ،
صرف چي (CHE) جي تصوير واري شرٽ پائي،
انقلابي ٿي نه ٿو سگهي،
تيئن صرف تصوير رکڻ سان،
سيد جي فڪر واري ڦرهي ملڻي ناهي.
تون جو نڪمو ناڪارو آهين،
۽ ڪوڙ ٺڳيءَ جو استعارو آهين،
پنهنجن جو ويري آهين،
ڌارين جو پيري آهين،
پهريان پنهنجو ڪردار مٽ.
علم ۽ عمل جي راهه وٺ.
عشق نگر ۾ جو ڪچو آهي،
سنڌ جي فڪر سان سو نه سچو آهي.
صرف سن جي ڀيري سان،
۽ سالگره جي هڪ ڦيري سان،
ڪو به ان راهه جو راهي نه ٿو بڻجي،
جيسين ان فڪر جي نه تانڃي اڻجي.
هي واٽ وٺڻ ڪا سولهي ناهي،
ڪا چور چڪن جي ٽولي ناهي.
ٿو ڪردار مٿاهين ڪرڻو پئي،
۽ آوي ۾ ٿو پچڻو پئي،
عمر سڄي جو سودو آهي،
سو نه کپي جو شودو آهي.
پهريان پنهنجي انداز کي مٽ،
پوءِ سن واري جي واٽ کي وٺ.
جي تون پاڻ سان سچو آن،
۽ ديس جو حلالي ٻچو آن.
پوءِ تون اسان جي سر جو سائين،
پوءِ ڊي پي (D.P) چاهي جهڙي به ٺاهين.
هن فڪر جي جو واٽ وٺي ٿو،
سو امرتا جي آڳ وٺي ٿو.
ڪاش سڀن کي هي عشق نصيب ٿئي،
۽ آزاديءَ جي منزل قريب ٿئي.
(محمد ابراهيم کوکر)

سونوءَ جي ماءُ!

سونوءَ جي ماءُ!!!
سونو کي سمهڻ وقت،
پنهنجي لوليءَ ۾،
جنن ڀوتن ۽ ديون جون آکاڻيون نه ٻڌائجان.
سندس تصوري دنيا کي ڀوائتو نه بڻائجان.
سونو عظيم سنڌ ڌرتيءَ جو،
عظيم وارث پٽ آهي.
کيس آزاد زندگي گذارڻ جو حق آهي.
سندس تربيت ۾ پلجي به غلامي جو ذڪر نه ڪجان.
کيس آزاد پرندن وانگر آزاد اڏامڻ جو چئجان.
سونو کي تون ٻڌائجان،
ته پاڻ هزارين سالن جو تسلسل آهيون.
همٿن ۽ عظمتن جا جبل آهيون.
جڏهن دنيا تهذيب کان وانجهيل هئي.
ته پنهنجي سنڌ تهذيب سان سانجهيل هئي.
۽ يوناني، ايراني جڏهن وڙهندا هئا،
۽ خونريزي جا نقش چٽيندا هئا.
ان وقت به پاڻ امن پسند ۽ حق پرست هئاسين.
مذهبن کان آزاد حسن ۽ بت پرست هئاسين.
کيس ضرور ٻڌائجان ته،
انسانن جي هزارين سالن جي تاريخ ۾،
پاڻ ڪڏنهن به حملا آور ناهيون رهيا،
پاڻ هميشه سنڌُو جهل تي ڀاڙيو آهي.
۽ محبت ۽ ڌرتيءَ جو هر قول پاڙيو آهي.
عربن ترخانن ۽ ارغونن کان ويندي،
انگريزن ۽ ڇاڙتن جي هٿان،
صدين کان استحصال ۾ سڙندا رهيا آهيون.
پر پوءِ به ڪسجڻ سکيو آ،
جهڪڻ ڪين ڄاڻون.
بڪا جي جنگ ۾ ۽ جهد جي رستي تي،
ٿڪجڻ ڪين ڄاڻون.
دولهه جا کيس ڏس ڏجان،
۽ هوشو جا ان کي گس ڏجان،
کيس ٻڌائجان ته هر دور ۾ پاڻ،
تهذيب ۽ تمدن جا اهڃاڻ رهيا آهيون.
نفرتن ۽ تشدد کان اڻڄاڻ رهيا آهيون.
۽ جڏهن سونو ٿڪجي پئي،
۽ سندس اعتماد ۽ اعتقاد لڏڻ لڳي،
ته کيس ڀٽائيءَ جا شعر پڙهڻ لاءِ چئجان.
کيس ٻڌائجان سن جي پوڙهي جا مثال.
۽ ڀٽن جي جدوجهد لازوال.
مان چاهيان ٿو ته منهنجو پٽ،
سونو سنڌ جي محبت ۾ سرشار ٿئي،
۽ سنڌي سورمن ۾ سندس شمار ٿئي.
سنڌ، سنڌين ۽ سنڌي ٻوليءَ جو محافظ ٿئي.
لطيف ۽ اياز جي سٽن جو حافظ ٿئي.
هو هر لالچ ۽ لوڀ کان آزاد ٿئي،
ڪٽر پڻي ۽ فرقه پرستيءَ کان پاڪ ٿئي،
هو صدين جي تهذيب جو رکوالو پٽ،
حق ۽ سچ جي سڃاڻ بڻي.
۽ آزاد سنڌ جو ڪو اهڃاڻ بڻي.
(محمد ابراهيم کوکر)

توکان پوءِ ورسٽي ويران ٿيندي

توکي چيو هئم،
پر تو ڪين مڃو هو.
توکان پوءِ ورسٽي ويران ٿيندي.
هربيريم جي هر ڪنڊ سنسان ٿيندي.
تو ان وقت به،
کلي ٽاري ڇڏيو هو.
۽ پنهنجي حسناڪين جي ادا سان،
مونکي ٽهڪن ۾ به روئاري ڇڏيو هو.
اڄ ڏس پورو سال ٿيو آ.
يونيورسٽي جو ڇا حال ٿيو آ.
اڄ به تنهنجي ڪرسي خالي آ،
۽ اڄ هربيريم جي،
پنهنجي ٺاهيل ڪنڊ ۾،
اهو نم جو وڻ به اداس آهي.
جنهن سان تنهنجي ياد خاص آهي.
چون ٿا ته ڪا وبا آهي،
ڪرونا جنهن سڀ ويران ڪيو آ.
پر چريا نه ٿا ڄاڻن ته،
تنهنجي وڇوڙي،
اسان جي اندر ۽ يونيورسٽي،
ٻنهي کي سنسان ڪيو آ.
۽گلن جهڙي سهڻي ڪيمپس کي،
اڪيلائي جو بيابان ڪيو آ.
(محمد ابراهيم کوکر)

Poetic Prose..

بابو سائين چوندو هو ته،
ڪم چور، نڪمن ۽ ڪوڙن کي،
کبڙ جي چهن سان،
تلهڙين جي مار ڏجي.
عزت بدران کين گار ڏجي.
اڄ جڏهن سنڌ جي ڪامورن،
جي نااهل ڪارنامن جا قصا ٻڌان ٿو،
ته دل چئي ٿي ته بابا جا لفظ سچ ڪجن.
۽ ڪوڙن ڪامورن تي ڳوٺ جا ڪتا بڇ ڪجن.
ڪٿ ڪوڙا ڊوميسائل ٺهن،
ڪٿ وسلين جي پئي لٽ ٿئي.
ادارن جي بهينگ روڪڻ لاءِ،
سزا جو ڪو نئون رواج وجهجي.
عوام دشمنن ۾ ڀاڄ وجهجي.
(محمد ابراهيم کوکر)

تو کپن فقط عشق ۽ پيار جون ڳالهيون

تو کپن فقط عشق ۽ پيار جون ڳالهيون
پاڻ وٽ آزاديءَ جي اظهار جون ڳالهيون

حسن جا جلوا با ڏاڍو موهن ٿا مگر
شاعريءَ ۾ ڪبيون سنڌو تار جون ڳالهيون

ڪراچيءَ ۾ ڪيس ٿيا ، ڪارونجهر ڪٽجي پيو
مان ڪيئن ڪيان پنهنجي يار جون ڳالهيون

جئي سنڌ ۽ جئي لطيف نعرو پنهنجو
ڪونه وڻن نيڻن ۽ تلوار جون ڳالهيون

منهنجي ديس ۾ هر هڪ لاءِ محبت آهي.
پاڻ وٽ ناهن جهيڙي ۽ هٿيار جون ڳالهيون

بس جي جيجل منهنجي جو ٿي پئي جياپو
کوکر ڪبيون پوءِ عشق جي اقرار جون ڳالهيون
محمد ابراهيم کوکر

ڪيڏا ڪيس ڪلور ٿيا هن

ڪيڏا ڪيس ڪلور ٿيا هن
سپنا چڪنا چور ٿيا هن.

پيڙائن جي چڪي ۾ پسجي
ديس واسي مجبور ٿيا هن

ڌارين جي لوڌ کي پالي
سنڌڙي توسان سور ٿيا هن

منهنجي من جي پوڄا ڏسي
نيڻ تنهنجا مغرور ٿيا هن

ديس جي جوان متوالن کي
آزاديءَ جا ڏس پور پيا هن

کوکر تنهنجا شير پڙهي
ماروئڙا با شعور ٿيا هن

محمد ابراهيم کوکر

منهنجي مٺي مونکي معاف ڪر

منهنجي مٺي مونکي معاف ڪر
تنهنجي سهڻين اکين
۽ ڊگهن وارن تي لکڻ لاءِ
مون وٽ لفظن جا خزانا نه آهن
آءُ تنهنجي ڊگهي ڳچيءِ
تي به ڪي لفظ آڇي نه ٿو سگهان
ڇو ته آءُ استحصال جي گهاڻي ۾
پيٺل اهو تنهنجو غلام آهيان
جنهن جي تخليق حسن جي تعريف کان عاري آهي
تنهنجي حسن جي هاڪ کان منهجي غلاميءَ جو قرض
وڌيڪ وزني ۽ ڀاري آهي.
مان ان بدنصيب ديس جو ديوانو آهيان
جتي اميدن جو قتل عام ٿئي ٿو
۽ منهنجي مظلوم ماروئڙن
جي خواهشن جو نيلام ٿئي ٿو
منهنجي ديس جا هاري ناري
وجود جي جنگ ۾ جنبيل آهن
۽ سندن خوشيون ۽ حسرتون
استحصال جي ٽڪاس تي ٽنبيل آهن
اسان لاءِ بکايل پيٽ جي پوڄا
تنهجي حسن جي جلون کان اهم آهي
۽ تنهجي ديس جو در د ڇڏي مان
ذلفن تي لکان سو تنهنجو وهم آهي
اسان پنهجي نگر ۾ دربدر آهيون
اسان لاءِ هتي ئي هڪ محشر آهي
پنهنجن شهرن ۾ اٻاڻڪا آهيون
اسان لاءِ روزنئون قهر آهي.
دعا ڪر ته پنهجي جندڙي بچي وڃي
۽ ڪا آزاد سنڌڙي وسي پئي
جتي ڪا جهل نه پل هوندي
۽ حسن جي پوجا هر مهل هوندي
پوءِ تنهجي جلون تي لکبو
محبت جي تاج محلن تي لکبو
ڀٽائيءَ کي شاهد بڻائي
اهڙيون امر سٽون سرجينداسين
هومر ڪيٽس ، شيلي به پرکينداسين
تنهجي حسن جو اهڙو جلوو ڇڏبو
جو ڪاليداس به مرڪي پوندو
شيڪسپيئر به جرڪي پوندو
پوءِ نئين صديءَ جو نئون قصو هوندو
جنهن ۾ تنهجي حسن جو حصو هوندو
نئين مومل نئين ماروي هوندي
جا هر عشق نگر ۾ ڀاري هوندي
بس دعا گهر سنڌڙي پنهنجي آزاد ٿئي
۽ هر مارو جي دلڙي شاد ٿئي..
محمد ابراهيم کوکر

Sindhi Poetry 2..

Hi comrades..
This is another piece of composition for your valuable reading n feedback..

جي ديس منهنجي جا جوڌا اٿي پون،
ته مارو منهنجي ملڪ جا شالا بچي پون.

همٿ حوصلو هردم، گهرجي اسانکي،
صحرا ۾ جيڪر نوان گلڙا ٽڙي پون.

اونداهي جي ٻاٽ ۾ ٿي لاٽ گهرجي،
ڪکاون پُکن ۾ اميد جا ڏئيا ٻري پون.

ظالم جي ظلم کي روڪڻ لاءِ نڪري پئو،
ٿر جي صحرا ۾ نوان مورڙا نچي پون.

يقين رکو پنهنجي علم تي عمل تي،
ڪارونجهر ڪاڇي جا، گهرڙا سجي پون.

ڪشمور کان ڪراچي تائين جاڳن جوان،
خوشحالي جون نديون، نالا وهي پون.

کوکر کي ڏات ڏي ڪا، اهڙي ڏات ڌڻي،
شعر سندس شعور جا، مشالا پڻجي پون.

By. Muhammad Ibrahim Khokhar Mike..